ليکڪ: اختر آزاد ڏاهري
اسان جي معاشري ۾ اميرن وٽ غريبن لاءِ ڪائي همدردي ناهي! ڪنهن وڏي ماڻھو جي وڃائجي ويل ڪنهن شيءِ کي ڳولڻ لاءِ ته شھر، ڳوٺ ۽ پاتال ڳوليا وڃن ٿا. پر ورهين کان گم ٿيل ٺل جي معصوم نياڻي فضيلا سرڪي ۽ ڦل جي نوجوان عمران جوکيو جي ڳولا لاءِ ڄڻ ڪنهن وٽ وقت ئي ناهي، هن مهل تائين سندن ڳولا لاءِ ڪوششون به ميڊيا جي زينتن کان اڳتي ڪو نتيجو ناهن ڏئي سگهيون. ڊگهي عرصي کان ماڻھن جي زبان تي اٽڪيل فضيلا سرڪي ۽ عمران جوکيو کي زمين ڳهي وئي يا آسمان؟!! وارو سوال اڃا تائين جواب جو منتظر آھي، هر ماڻھو سمجهي ٿو ته ورهين کان گم ٿيل فضيلا سرڪي جا ٺل ۽ عمران جوکيو جا ڦل جي ان ڏاڍن ماڻھن جي دروازن تي پيرا گم ٿين ٿا، جن کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو ئي ناهي، اهاحقيقت آھي ته ڪو به ماڻھو پنهنجي مري ويل پياري کي ته گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وساري سگهي ٿو. خدا جي واسطي پنهنجي فرضن جي ڪوتاهين سان سنڌ جي تهذيب کي لڄائڻ بند ڪيو، ۽ ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي عزيزن کان جدا ٿيل فضيلا سرڪي ۽ عمران جوکيو جي بازيابي لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، نه ته مٿي تي قرآن پاڪ رکي ورهين کان پنهنجي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ واجهائيندڙ فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينا سرڪي ۽ عمران جوکيي جي امڙ شاھينا جوکيو جو فرياد ٻڌي سندن ٻارڙا بازياب ڪرائي ڏنا وڃن، جيئن انهن مائرن جو وڇوڙي ۾ گرم ٿيل سينو ٿڌو ٿي سگهي ۽ اهي به وري ڪا خوشي ماڻي سگهن.