204

ڪورونا جا وڌندڙ ڪيس ۽ احتياطي تدبيرون…!

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ ڪورونا جو مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ گذريل 4 مهينن کان وڌندڙ ڪيسن ۾ ڪابه گهٽتائي نه پئي اچي، جيڪا انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 75 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن، جن مان 68 ڄڻن اسپتال ۽ 7 مريضن گهرن ۽ قرنطينا ۾ دم ڏنو آهي، اِهو گذريل 6 مهينن دوران مرض ۾ فوت ٿيلن جو سڀ کان وڏو انگ آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 35 هزار 197 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. انگن اکرن موجب جن مان 2829 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي. اين سي او سي مطابق سڄي ملڪ ۾ هِن وقت تائين ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 45 هزار 365 آهي. موجوده وقت ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوبه مريض وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ 311 مريض وينٽيليٽرن تي آهن. انگن اکرن ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 49 هزار 780 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 3 هزار 311 آهي، جن مان آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 932، بلوچستان ۾ 17 هزار 215، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 667، اسلام آباد ۾ 30 هزار 748، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 701، پنجاب ۾ هڪ لک 20 هزار 356 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 75 هزار 642 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار 166 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 962 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينا دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 66 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينا دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 375 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 324 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 169 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، گلگت بلتستان ۾ 97 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 173 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينا دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 55 لک 84 هزار 635 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي علاج جي لاءِ مخصوص 615 اسپتالن ۾ 2 هزار 810 مريض علاج هيٺ آهن. ڏٺو وڃي ته اِهي انگ اکر انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ ڌيان جا گهرجائو آهن، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃا به ڪورونا جي مرض کي هيٺين سطح تائين سنجيده نه پيو ورتو وڃي ۽ اسان جو رويو انتهائي غير ذميواراڻو محسوس ٿي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته تيزيءَ سان پکڙجندڙ مرض کي روڪڻ لاءِ جيتوڻيڪ ايس او پيز جاري ڪيا ويا آهن پر انهن ۾ هِن وقت ٿوري سختيءَ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان مرض جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ تڪڙا ۽ سخت قدم نه کنيا ويا ته پوءِ ڪٿي پڇتائڻو نه پوي. اسان سمجهون ٿا ته بحيثيت هڪ قوم جي ملڪ جا سمورا ماڻهو احتياطي تدبيرن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، ڇو ته هيءَ سياست نه پر زندگيءَ جو مسئلو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو