اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا کان بچاءَ لاءِاڄ يومِ دعا ملهايو ويندو، جڏهن ته عالمن سڳورن پاران حڪومت کي ايس او پيز تي عمل جي خاطري ڪرائي وئي آهي. رپورٽن مطابق ڪورونا جي ٻي لهر ۾ شدت کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران مسجدن لاءِ ايس او پيز جي نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين ايس او پيز تيار ڪئي وئي، جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ جمعي جي نماز وارن ميڙن ۾ ڪورونا جي ٻي لهر کان بچاءَ لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ عالمن سڳورن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، ڪورونا وائرس جي ٻي لهر تي عالمن سڳورن ڳڻتي جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، عالمن سڳورن عوام کي اپيل ڪئي ته ڪجهه وقت لاءِ جلسن جلوسن کي ملتوي ڪيو وڃي. ان موقعي تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته وبا کان بچاءَ لاءِ الله کان دعا گهري وڃي، هٿ ڌوئڻ، سماجي وٿي، ماسڪ پائڻ ۽ نماز دوران صفن ۾ مناسب فاصلو رکڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ڪوشش ڪيو ته وضو گهران ڪري اچو ۽ مصلو به پنهنجو آڻيو، 55 ورهين کان وڌيڪ جا ماڻهو نماز گهر ۾ ئي ادا ڪن.
205