187

19 ورهين جي ڊگهي عرصي جاري جنگ کانپوءِ افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهيون، گڏيل ورڪنگ ڪميٽي قائم، اڳڀرائي جا امڪان

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) 19 ورهين جي ڊگهي عرصي کان پوءِ افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پرڏيهي خابرو ادارن  مطابق افغان حڪومت ۽ طالبان آخرڪار 19 ورهين کان جاري ڊگهي جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو لکت واري ٺاهه طرف اڳتي وڌي رهيا آهن، جنهن جي تصديق ٻنهي طرفن جي نمائندن پڻ ڪئي آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان جي نمائندن جو چوڻ آهي ته امن ڳالهيون شروعاتي ٺاهه تائين پهچي ويون آهن، افغان حڪومت جي نمائندي  پرڏيهي خابرو ادارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهين کان پوءِ شروعاتي ٺاهه جي اعلان ۽ طريقيڪار کي آخري شڪل ڏني وئي آهي، هاڻي ٻيهر جلد ايجنڊا تحت ڳالهين جو ٻيو دور  شروع  ٿيندو.  جڏهن ته طالبان ۽ حڪومتي نمائندن جو گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ گڏيل ورڪنگ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا امن ڳالهين لاءِ ايجنڊا ۽ موضوع جو ڊرافٽ تيار ڪندي، هوڏانهن افغان صدر اشرف غني جي ترجمان ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته طالبان ۽ حڪومتي نمائندن جي وچ ۾ ٺاهه جنگبندي ، عوام جي بنيادي مطالبن سوڌو  ٻين معامرن تي ڳالهين جي شروعات آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو