297

شرمين عبيد چنائي هڪ ٻيو عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري هدايتڪار شرمين عبيد چنائي هڪ ٻيو عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. مشهور آسڪر ايوارڊ يافتا هدايتڪار شرمين عبيد چنائي دستاويزي فلم ”هوم 1947ع” ڏکڻ ايشيئن فلم فيسٽيول ۾ بهترين دستاويزي فلم جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. شرمين عبيد چنائي جي دستاويزي فلم ”هوم 1947ع” ۾ اهڙن سمورن ماڻهن جي زندگي ۽ ڪهاڻين تي فلمائي وئي آهي جيڪي 1947ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وجود ۾ اچڻ دوران دربدر ٿي ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو