ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روزاني ”سوڀ“ ۽ ڌرتي ٽي وي ميڊيا گروپ طرفان 6 ڊسمبر تي سنڌي ميڊيا سان گڏيل طور ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙو ” سوڀ“ ۽ ڌرتي ٽي وي ميڊيا گروپ جي سي اي او اقبال احمد شيخ جي سربراهي ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ روزاني ”سوڀ“ جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي، ڌرتي ٽي وي جي ايم ڊي اظهر سهاڳ، ”سوڀ“ جي نيوز ايڊيٽر الطاف ڏهراج، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ رفيق راڄپر، جنرل مئنيجر عبدالوهاب سومرو، ڌرتي ٽي وي جي سينيئر ساٿين طاهر آرائين، چيتن ڪمار، اعجاز مري، ”سوڀ“ جي ساٿين سيد مراد علي شاهه، امين لاکو، عزيز ڏاهري، شاهنواز ٿيٻو، سجاد لغاري، نصير چنا، شهزاد نوناري، لجپت راٺوڙ، جي ايم گاڏهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ثقافت جو ڏهاڙو سنڌي ميڊيا سان گڏيل طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ”سوڀ“ ۽ ڌرتي ٽي وي ميڊيا گروپ سنڌي ميڊيا ۾ اهم مقام رکي ٿو، سنڌ جي گڏيل مفاد ۾ 6 ڊسمبر تي سنڌي ميڊيا سان گڏجي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، اجلاس ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان تيارين ۽ حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويو، ٻنهي ادارن جي سمورن ساٿين ۽ رپورٽرن کي گڏيل پروگرامن ۾ شرڪت جي پڻ هدايت ڪئي وئي.
