ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جو اسٽيل ملز واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ 4 وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي پڻ ٺاهي ڇڏي آهي. جڏهن ته ان معاملي تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ وقو وزير پڻ وفاقي حڪومت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم ۽ ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسٽيل ملز جي مسئلي جي حل لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي 4 ميمبرن سعيد غني، ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا وفاق سان رابطو ڪندي ۽ وڏو وزير پاڻ به هڪ ٻن ڏينهن ۾ خط به لکندو. هن وڌيڪ چيو ته نجڪاري ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙوآهي جنهن جي جانچ ٿيڻ گهرجي. اسٽيل ملز واري زمين سنڌ جي آهي، ڪنهن به صورت ۾ ملازمن جي نيڪالي قبول نه ڪنداسين، مل پاڻ هلائڻ جي سگهه رکون ٿا، ضرورت پئي ته سنڌ سرڪار مل جي زمين تي قبضو ڪري ملز کي هلائيندي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيل ملز تي مافيا جون اکيون آهن، ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو مقصد ملز جي زمين وفاقي حڪومت جي اي ٽي ايمز حوالي ڪرڻ آهي. اسٽيل مل، پي آءِ اي، واپڊا ۽ ريلوي سميت قومي ادارن بابت فيصلا سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪيا وڃن. ڪورونا دوران نوڪري مان نه ڪڍڻ جو قانون سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل آهي ۽ وفاقي حڪومت طرفان ساڍا 4 هزار ملازمن کي ڪڍڻ ان قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسد عمر جي استعفا جو انتظار آهي جنهن واعدو ڪيو هو ته ملازمن کي ڪڍيو ويو ته هو حڪومت سان نه ملازمن سان گڏ بيهندو.
