233

اسحاق ڊار ۽ مهدي شاهه خلاف نيب انڪوائري جي منظوري، حفيظ شيخ کي ٻيهر نوٽيس

ڪراچي / اسلام آباد ( نمائندا  ) نيب ڪراچي  ناڻي بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ کي ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته نيب چيئرمين ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گلگت بلتستان جي اڳوني وڏي وزير مهدي شاهه خلاف  انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو وريو آهي ته حفيظ شيخ تي اڳوڻن دورن ۾ قومي ناڻي مان غير قانوني ادائگين جو الزام آهي، نيب موجب هڪ ڪروڙ 11 لک 25 هزار ڊالر جي غير قانوني ادائيگي ڪئي وئي، حفيظ شيخ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي چيئرمين سلمان صديق تي غير قانوني ادائيگي جو الزام آهي. نيب ڪراچي حفيظ شيخ کي جاچ لاءِ پهرين ڊسمبر جو نوٽيس جاري ڪيو هو، نيب ڪمبائن انويسٽي ٽيم حفيظ شيخ کي پهرين ڊسمبر تي طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو. هاڻ نيب طرفان وزير اعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ کي ٻيو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نيب اختيارين موجب ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين سلمان صديق کي به جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، غير قانوني ادائيگي تي اڳوڻي ڪسٽم آفيسر عاشر عظيم کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ٻي پاسي قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيور جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي نيب، ڊي جي آپريشن نيب، ڊي جي نيب راولپنڊي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 2 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي. اڳوڻي سفير  اي ايس بابر هاشمي ۽ سفارتخاني جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ  طفيل قاضي خلاف ريفرنس داخل ٿيندو . انهن کان علاوه اڳوڻي ڊائريڪٽر اسٽيٽ مينجمنٽ سي ڊي اي اسد الله فيض، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مينجمنٽ سي ڊي اي شاهد مرتضيٰ بخاري، ڊي اي او اسٽيٽ مينجمنٽ ٽو سي ڊي اي محمد ارشد، اڳوڻي اڪائونٽس آفيسر اسٽيٽ مينجمنٽ سي ڊي اي مقبول احمد، عطا الرحمان، سعيد الرحمان، منور احمد ۽ محمد احمد جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.  جڏهن ته اجلاس ۾ ست انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. جنهن ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه، چيف ايگزيڪٽو آفيسر زيد ٽي بي ايل سي طلعت محمود ۽ ٻين مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي آفيسرن ۽ ٻين، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي صوبائي ميمبر ملڪ تنوير اسلم اعواڻ ۽ ٻين، نمرا تنوير، راحيلا اصغر، اصغر نواز، ميسرز جيوماسٽرز پرائيويٽ لميٽڊ، ميسرز جيوماسٽر انٽرنيشنل لميٽڊ جي انتظاميا ۽ ٻين جي خلاف انڪوائريز شامل آهن. سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر منظور سومري خلاف جانچ جو معاملو لاڳاپيل وزارت حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو