283

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، 3262 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، وبا وگهي وڌيڪ 55 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3262 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 3 هزار 262 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 55 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 49 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 44 هزار 627 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 339، پنجاب ۾ 18 هزار 262، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 455، اسلام آباد ۾ 5 هزار 805، بلوچستان ۾ 540، گلگت بلتستان ۾ 403، آزاد ڪشمير ۾ 823 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 50 هزار 305 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل 1 هزار 751 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 331 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 51 هزار 507 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 10 هزار 72 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 151، بلوچستان ۾ 17 هزار 333، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 692، اسلام آباد ۾ 31 هزار 639، خيبرپختونخواهه ۾ 48 هزار 264، پنجاب ۾ 1 لک 21 هزار 753 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 79 هزار 240 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار 260 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 983 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض اسپتالن ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 115 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 1 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 389 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 332 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 169 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 98 فوتگيون، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سببفوت ٿيو، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 174 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 56 لک 72 هزار 166 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 617 اسپتالن ۾ 2 هزار 932 مريض علاج هيٺ آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو