242

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن لاءِ بند، رهائشي علائقن ۾ گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي 24 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. مليل رپورٽن مطابق سنڌ جون سموريون سي اين جي اسٽيشنز صبح 8 وڳي کان بند ڪيون ويون آهن، جيڪي ڇنڇر ڏهاڙي صبح 8 وڳي کوليون وينديون، هلندڙ هفتي ٽيون ڀيرو سي اين جي اسٽيشنز کي گئس رسائي روڪي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ توڙي گئس پريشر ۾ گهٽتائي جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو