284

ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ وارو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ وارو جج ارشد ملڪ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ميڊيا رپورٽ ارشد ملڪ جي لاڏاڻي واري خبر جي تصديق فوتي جي سئوٽ ايڊووڪيٽ ثمر ملڪ ڪئي آهي، خانداني ذريعن مطابق اڳوڻو جج ارشد ملڪ هڪ هفتي کان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ ڪري وينٽيليشن تي هو، جنهن راولپنڊي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، مرحوم کي ٻن پٽن ۽ ٻين ڌيئرن جو اولاد آهي، ياد رهي ته ارشد ملڪ کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي وڊيو وائرل ٿيڻ واري اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ عهدي تان هٽايو ويو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو