189

پشاور ۾ ماسڪ نه پائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، 52 ڄڻا گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) بي آر ٽي بسن ۽ ٻين بس اڏن تي ماسڪ نه پائيندڙ 52 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي مطابق ڊپٽي ڪمشنر پشاور محمد علي اصغر هشت نگري ۽ ٻين اسٽيشنز جو معائنو ڪيو، ان دوران ڪيترائي ماڻهو ماسڪ کانسواءِ نظر آيا، جنهن تي 52 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر پشاور محمد علي اصغر جو چوڻ آهي ته عوام بي آر ٽي اسٽيشنز ۽ بسن ۾ ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻائين، ٽرانسپورٽ اڏن، بازارن ۽ دڪانن ۾ سيفٽي ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو