لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار صوبي ۾ 3 نيشنل پارڪ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو آهي ته هڪ پارڪ ڪلر ڪهاڙ سالٽ رينج ۾ ٺاهيو ويندو، جيڪو 13،700 ايڪڙن تي ٻڌل هوندو، ٻيون نيشنل پارڪ کيڙي مورت هوندو جيڪو 8،740 ايڪڙن تي مشتمل هوندو، جڏهن ته 38،874 ايڪڙن تي ٻڌل پبي رسول نيشنل پارڪ به جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته هي پارڪ ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ، ناياب جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ عوام کي تفريح ڏيڻ سان گڏ پنجاب ۾ سياحت کي هٿي ڏيندا.
196