366

سنڌ جو ناليوارو تعليمي ماهر ۽ ڏاهو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڄامشورو ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جو ناليوارو تعليمي ماهر، محقق ۽ ڏاهو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري گُردن، ساهه جي تڪليف  ۽ ڪورونا جي موذي مرض سبب ڪيتري عرصي کان علاج هيٺ هو، جنهن اڄ صبح جو ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ قائم ڪيل آئسوليشن وارڊ  دم ڌڻي حوالي ڪيو،  پروفيسر قلندر شاهه جو مڙهه  ڄامشورو ۾ ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويندو جتي شام جو دير سان جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جو پروفيسر به رهيو، جنهن نه رڳو تعليم پر علمي، ادبي، سماجي شخصيت طور به سڃاڻپ رکندو هو، پاڻ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ڄامشورو ۾ پريس ڪلب جو سرپرست پڻ هو، ڄامشورو پريس ڪلب ۽ ڄامشورو شهر جي ترقي لاءِ سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي لاڏاڻي جي اطلاع تي سندس عزيز، دوست، شاگرد ۽ صحافي وڏي انگ ۾ سندس رهائشگاهه تي ڄامشورو ۾ پهچي ويا آهن سندس پونيئرن ۾ 5 پٽ ۽ ٻه نياڻيون سوڳوار ڇڏيا آهن، جڏهن ته سندس گهر واري 4 ورهيه اڳ اڄوڪي ڏينهن 5 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.  رابطو ڪرڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر قلندر شاهه لڪياري جي فرزند ايڊووڪيٽ سيد سردار شاهه ٻڌايو ته بابا جو مڙهه  ڄامشورو ۾ ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويندو، جتي شام جو دير سان جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، بابا جي تدفين جو فيصلو اڃا تائين ناهي ڪيو ته ڄامشورو ۾ يا پنهنجي اباڻي ڳوٺ بٺورو ۾ ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو