310

وزيراعظم ڪراچي سميت وڏن شهرن لاءِ نئون مڪاني نظام آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،هاڻي ڪرپٽ آفيسر بدلي نه پر برطرف ٿيندا:وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا مسئلا مڪاني حڪومتن جي ناڪامي جي ڪري آهن اسان جيڪو مڪاني حڪومتن جو نئون نظام آڻي رهيا آهيون ان سان انقلاب ايندو،  پاڪستان سٽيزن پورٽل مديني جي رياست ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، ان سان ادارن، بيوروڪريسي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، جنهن آفيسر جي ڪارڪردگي هاڻي بهتر نه هوندي ان کي ٻي جاءِ تي مقرر ڪرڻ بدران نوڪري مان ئي ڪڍيو ويندو . عوام کي اپيل آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي بااختيار ڪرڻ جي لاءِ ان پورٽل کي وڌ کان وڌ استعمال ڪن. جمعي ڏينهن پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي بابت خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم جنهن عزم سان هي يونٽ هلايو آهي اها مبارڪن جي مستحق آهي. هن پورٽل سان عوام کي بااختيار ڪرڻ بابت هڪ نئين سوچ اڀري. وزيراعظم چيو ته اها بدقسمتي رهي آهي ته جنهن وقت آزادي ملي ته ان کان اڳ هتي حڪومت ڪندڙن وانگر اسان جي حڪمرانن جي ذهنيت به نه بدلي. اهي سمجهندا رهيا ته انگريز جي جڳهه انهن وٺي ڇڏي آهي. انگريز ٻي ملڪ مان اچي هتي غلامن تي حڪومت ڪري رهيا هئا پنهنجي ملڪ جي شهرين سان انهن جو رويو هڪڙو جڏهن ته هتي وري ٻيو  هو. پاڪستان ۾ جمهوريت جي ڪري تبديلي آئي آهي، اها حڪومت جي ذميواري آهي. انهن جا ڪم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هيستائين 30 لک ماڻهن پورٽل استعمال ڪيو آهي، ان سان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته حڪومت يا اداري جي خلاف ڪيتريون شڪايتون آهن. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا مڪاني حڪومتن جي ناڪامي جي ڪري آهن اسان جيڪو مڪاني حڪومتن جو نظام آڻي رهيا آهيون ان سان انقلاب ايندو، ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي نمائندن جي چونڊ پاڻ ڪندا، دنيا ۾ شهري مسئلا حڪومت حل ڪندي آهي، ڪراچي پشاور سميت وڏن شهرن ۾ سڌوسنئون چونڊون ٿينديون ۽ اتي پنهنجون حڪومتون ٺهنديُون، انهن جا مسئلا پنهنجي شهر ۾ ئي حل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستان جو اثاثو آهن، انهن جا مسئلا سٽيزن پورٽل ذريعي حل ٿي رهيا آهن. هن اوورسيز پاڪستانين کي چيو ته اهي سٽيزن پورٽل جو استعمال وڌ کان وڌ ڪن. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي ايس ايڇ او ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پئسا وٺي ڪم ڪرڻ جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن شهري کان رشوت وٺن ٿا ته اهو شهري فوري طور تي سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪري ان کان جواب وٺڻ اسان جو ڪم آهي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ ماڻهو سٽيزن پورٽل جو استعمال ڪن، ان تي حڪومت جا هيستائين ڪي به فنڊز نه لڳا آهن، ان کي وڌيڪ بااختيار ۽ مضبوط ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ان سسٽم مان مون کي اهو ڄاڻڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي ته ڪهڙو ادارو يا وزارت ڪم ڪري رهي آهي، ڪهڙو بيوروڪريٽ يا وزير ڪم ڪري رهيو آهي ان سان جزا ۽ سزا جو نظام آسان ٿيندو ۽ ان جو احتساب ڪري سگهنداسين. انهن جي ترقي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم چيو ته جنهن آفيسر جي ڪارڪردگي هاڻي بهتر نه هوندي ان کي ٻي جاءِ تي مقرر ڪرڻ بدران نوڪري مان ئي ڪڍيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٽيزن پورٽل سان عوام جا اختيار وڌندا ۽ انهن جو آواز ٻڌو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٻي پاسي ڪورونا وبا جي اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ معاشي نقصانن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ورچوئل اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ري اسٽرڪچرنگ ڪئي وڃي، 500 ارب ڊالر جو خصوصي فنڊ قائم ڪيو وڃي، پٺتي پيل ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن، عالمي مالياتي نظام جي نئين سر تعمير جي ضرورت آهي، ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڏوهاري ماڻهن پاران ڦريل دولت واپس ڪئي وڃي، معاشي سيڪيورٽي ۽ تڪرار نبيرڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل ڪرايو وڃي، پاڪستان ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 8 ارب جو رليف پئڪيج ڏنو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب پاليسي تي عمل ڪيو، ڪورونا وائرس 15 لک ماڻهن جون جانيون کسي چڪو آهي، ويڪسين هر ڪنهن کي ملڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سڀ کان سنگين عالمي بحران آهي، ان وائرس سان اٽڪل 6 ڪروڙ 50 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 15 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. 1930ع کان پوءِ ڪورونا جي ڪري سڀ کان وڏي معاشي بدحالي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان وبا سان سڀ کان وڌيڪ غريب ملڪ ۽ سمورن ملڪن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ اٽڪل 10 ڪروڙ ماڻهو ڪورونا جي ڪري غريبيءَ جي هيٺئين سطح تائين هليا ويندا. وزيراعظم چيو ته امير ملڪ پنهنجي معيشتن کي سنڀالڻ جي لاءِ 13 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا جڏهن ته ٻئي طرف اسرندڙ ملڪن وٽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ وسيلا نه آهن، اسرندڙ ملڪن ٻن کان ٽن ٽريلين ڊالر جو به بندوبست نه پيا ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو