ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ ايم نائن موٽر وي تي رينجرز ڪارروائي ڪندي افغاني هجڻ واري شڪ جي بنياد تي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 113 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم نائن موٽر وي تي ٽول پلازه وٽ رينجرز مسافر ڪوچن جي چيڪنگ دوران ٻن بسن مان افغاني هجڻ جي شڪ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 113 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڄامشورو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل غيرقانوني طور تي ڪراچي وڃي رهيا هئا، شڪ جي بنياد تي کين ٿاڻي تي آڻي سندن سڃاڻپ ڪارڊن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪي پاڪستاني هوندا انهن کي ڇڏيو ويندو، جيڪڏهن ڪو افغاني نڪتو ته مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو.
233