351

ثقافتي ڏينهن سنڌ ۾ شعور جي نئين ارتقا…

ليکڪ: اعجاز تيوڻو

هر سال جيان ھن سال پڻ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 6 ڊسمبر جي ڏينهن کي ثقافتي عيد طور ملھائيندا سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملهائڻ جي شروعات ڪجهھ سال پهريان سنڌ جي ثقافت تي ٿيل چٿر کانپوءِ سنڌي ميڊيا،سنڌ حڪومت ۽ عوام پاران  وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان قائم شاهوڪار ثقافت کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي سنڌ جي شاهوڪار ثقافت جا اهڃاڻ سنڌو درياھه جي قديم تهذيب موهن جو دڙو مان پڻ مليا آھن جنھن ڏينھن کان سنڌ جي ثقافت جو ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان اعلان ٿيوآهي ان کانپوءِ سڄي سنڌ جي سنڌين سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ مچ ڪچھريون ۽ ثقافتي پروگرام ڪري رهيا آهن هن سال پڻ ثقافتي ڏهاڙو سڀ کان پهريان سنڌ، سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجهد جي عزم سميت مختلف سرن هيٺ ملهايو پيو وڃي سنڌ جي مڙني ننڍن وڏن شهرن سان گڏ ڳوٺن ۾پڻ ثقافتي پروگرام ۽ مچ ڪچھريون ٿي رهيون آهن جن ۾ باشعور ماڻهو ، عوام کي پنهنجي ثقافت سان گڏ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۽ سنڌي جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ بابت پڻ شعور اجاگر ڪري رهيا آهن اسان جو ايمان آهي ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سالن کان زندھ آهي ۽ قيامت تائين رھڻي آهي ڇاڪاڻ ته ھر قوم پنهنجي علائقي، ٻولي ۽ ثقافت سان پيار ڪري ٿي سنڌي قوم پڻ دنيا جي ٻين زنده قومن وانگر پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي قائم رکڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جاري رکندي، سنڌي صدين کان ھڪ پرامن ۽ رواداري واري قوم آهي سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي پنهنجي ٻولي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي، سنڌ جي ثقافت جا رنگ نرالا آهن جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت ختم ڪري نٿي سگهي، سنڌ تي ھزارين حملا ٿيا پر نه سنڌي ٻولي، نه سنڌي ثقافت کي ختم ڪري سگهيا ڇو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي سان  محبت ڪري ٿي، نه رڳو سنڌي قوم پر هن ڌرتي ۽ تهذيب سان محبت جا ايترا ته حوالا آهن جو انهن کي لکجي ته ڪتاب ڀرجي ويندا، سنڌ ڌرتي جي خمير ۾ ايترو ته ميٺاڄ ۽ سڪ آهي جو جيڪو به هتي آيو اهو هتي جو ٿي ويو، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ تي تحقيق ڪندڙ وڏا نالا به هتي جا نه پر ٻاهريان آهن، مثال طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي سڀ کان پهرين تحقيق ايڇ ٽي سورلي ڪئي، موهن جي دڙي جي پهرين کوٽائي به پرڏيهين ڪئي، ايستائين جو سنڌ جو قديم شهر جيڪب آباد به نئين سري سان اڏيندڙ سر جان جيڪب جي نالي تي آهي،  اسان سنڌي سنڌ کي پنهنجي وطن طور ياد ڪريون ٿا، بقول شاعر جي ته: 

اسان لاءِ سنڌ وطن آھي

اسانکي روحَ تي پاتل اسان لاءِ ڄڻ بدن آھي

اھا ئي آ زمين منھنجي اھو منھنجو گگن آھي

اھو ئي بھشت آ منهنجو اھو باغِ عدن آھي

اھو دل ديس منھنجو آ،

بنا جنھن جي اگھاڙو مان

وطن ئي ويس منھنجو آ..

سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي اعلان کان پوءِ ماڻھن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ جو شوق ٻيهر پيدا ٿيو ۽ مچ ڪچھرين لاءِ اوطاقون آھستي آھستي آباد ٿيڻ شروع ٿيون هن وقت سنڌ جي هر علائقي ۾ اھا رات خالي نه هوندي جو ڪنهن اوطاق تي مچ ڪچھري نه ٿيندي ھجي،آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي فوٽو رکڻ صرف مقصد نه هجڻ گهرجي پر اسان سڀني کي پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي شين جو استعمال ڪرڻ گهرجي، ٻارن کي جديد تعليم سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ سان گڏ صحيح لهجي ۾ ڳالهائڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي ۽ حڪومت تي زور ڀرڻ گهرجي ته اها سنڌ جي حدن ۽ وسيلن جي مالڪي ڪري ته جئين ٻولي سان گڏ اسان جا وسيلا پڻ سنڌ جي عوام تي استعمال ٿي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو