396

ميرپورخاص ضلعي ۾ تباهه ٿيل اسڪول بحال ڪيا وڃن..

ليکڪ: شاهد ڪيھر

جديد دور ۾ تعليم کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، پر هر ملڪ ۾ تعليم لاءِ هڪ جهڙا موقعا پڻ نه هوندا آهن، سنڌ ۾ اسڪولن جي تباهي، تعليم ۾ سياسي مداخلت ۽ تعليمي ماحول جو بهتر نه هجڻ جو سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي استادن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم، تعليمي ايمرجنسي ۽ آگاهي پروگرام شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني، تازين برساتن دوران ميرپورخاص ۾ سوين اسڪول زبون ٿيا، جنهن سبب هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، هڪ سروي دوران سامهون آيل انگن اکرن مطابق ميرپورخاص ضلعي جي 2235 اسڪولن مان 431 اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿيل آهن، جن ۾ ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ 103، شجاع آباد ۾ 31، حسين بخش مري ۾ 46، سنڌڙي ۾ 58، ميرپورخاص ۾ 10، ڊگهڙي ۾ 57 ۽ جهڏي ۾ 28 پرائمري اسڪول تباهه بڻيل آهن، جڏهن ته ضلعي جي 79 مڊل اسڪولن مان 35 اسڪولن جون عمارتون پڻ تباهه ٿيل آهن، جن ۾ ڊگهڙي ۾ 6،  سنڌڙي ۾ 2، شجاع آباد ۾ 9، حسين بخش مري ۾ هڪ، جهڏي ۾ 7، ڪوٽ غلام محمد ۾ 10 مڊل اسڪول شامل آهن، جڏهن ته ضلعي جي ڪل 89 هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 63 اسڪولن جون عمارتون به تباهه ٿيل آهن، جن ۾ تعلقي ڊگھڙي جا 7، تعلقي سنڌڙي 7، شجاع آباد جا 7، حسين بخش مري جا 5، جھڏو جا 12، ميرپورخاص 14، ڪوٽ غلام محمد جا 11 اسڪول شامل آهن، 431 تباه ٿيل اسڪولن مان 110 بوائز پرائمري اسڪول، 88 گرلس پرائمري اسڪول جڏهن ته 135 مڪس اسڪول شامل آهن تباهه حال ٿيل مڊل اسڪولن ۾ 2 گرلز مڊل اسڪول، 6 بوائز جڏهن ته 27 مڪس مڊل اسڪول شامل آهن، تباهه حالي جي شڪار سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 17 بوائز، 19 گرلز جڏهن ته 27 مڪس سيڪينڊري اينڊ هائير سيڪينڊري اسڪول شامل آهن، برساتن سبب ميرپورخاص ضلع ۾ تباهه حالي جو شڪار بڻيل 431 اسڪولن مان 99 بوائز پرائمري اسڪول مڪمل طور تباه جڏهن ته 234 پرائمري اسڪول پارشلي تباهه ٿيل آهن، تباهه ٿيل 35 مڊل اسڪول ۾ 11 مڊل اسڪول مڪمل طور تباهه جڏهن ته 24 پارشل طور تباهه ٿيل آهن تباهه حالي جو شڪار 63 سيڪينڊري اينڊ هائيرسيڪينڊري اسڪولن مان 13 اسڪول مڪمل طور جڏهن ته 50 اسڪول گھٽ تباهه ٿيل آهن. تيزطوفاني برساتن سبب مڪمل طور تباهه ٿيل 99 پرائمري اسڪول، 11 مڊل اسڪولن جڏهن ته 13 سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪينڊري اسڪولن ۾ ذريعن موجب تعليم جو سلسلو بند پيل آهي جنهن ڪري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ڪورونا جي عالمي وبا سبب ڪچ وقت اسڪول بند رهڻ بعد حڪومت پاران ايس او پيز تحت اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي نقصان کان پوءِ اسڪولن جي تباهه حالي سبب اسڪول بند هجڻ جي ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي جڏهن ته ضلع ۾ پيل برساتن سبب گھٽ نقصان جو شڪار ٿيل 234 پرائمري اسڪولن، 24 مڊل اسڪولن ۽ 50 سيڪينڊري اينڊ هائير سيڪينڊري سميت 308 اسڪولن مان به ذريعن موجب وڏي انگ اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بند پيل آهي جنهن سان هزاين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ نقصان پهتل اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. برساتن سبب  تباهه حالي جو شڪار ٿيل ضلع جي 431 اسڪولن جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي نقصان کي ڏسڻ جي باوجود لاڳاپيل اختيارين پاران انهن اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن وقت جي اهم ضرورت آهي ته ملڪ جي مستقبل جي معمارن کي تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪري کين ملڪ جو اثاٿو بنائڻ ۾ حڪومت سان گڏ وارث ۽ معاشرو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو