ليکڪ: استاد لغاري
منصور فقيرن جو مسڪن مکي. مکي ٻيلي، مکي ڍنڍ، توڙي مکيءَ واري علائقي بابت، جڏهن به قلمڪارن قلم کنيو آهي، ته انهن پنهنجين تحريرن ۾ گوهر گل آندا آهن. منهنجو پنهنجو ننڍپڻ مکيءَ واري مرڪزي علائقي پڪسري بئراج ۽ ان جي آس پاس گذريو آهي. پڪسريءَ مان ڏکڻ اوڀر طرف ڦٽي نڪرندڙ بقار شاخ جي پهرين ۽ چوٿين واٽر تي، اسان جا وڏڙا هارپو ڪندا هئا. منهنجو والد صاحب ڪڏهن ڪڏهن مکيءَ ڍنڍ مان، ملاحن جي ٻانڌن تي ويهي، مڇيءَ جا ڳاڙها ڪُرڙا ۽ سِرهيا ڦاسائي کڻي ايندو هو. اسان جا وڏڙا، پنهنجن ڪکائن گھرڙن ۽ جُهريل جُهونين جُهوپڙين ٺاهڻ جي لاءِ، مکيءَ ٻيلي مان لڙها (ڪايا)، ورا، تُڪا، ٿُوڻيون، ڪانڃڻيون، ڪانن ۽ سرن جا بند ، ڪانهن ۽ ڪُوندر جا ڳنڍا وڍي کڻي ايندا هئا. مون کي مکيءَ ڍنڍ تي، سَير حاصل مقالي لکڻ جو خيال آيو، ته مون پير سيد صبغت الله شاھ شهيد بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ وڃي، نواز ڪنڀار، پروفيسر مبين وساڻ، ممتاز علي لغاري، عباس علي لغاري ۽ ولي محمد خاصخيلي سان ملاقاتون ڪيون. ملاقات ۾ نواز ڪنڀار ٻڌايو، ته منهنجو تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تمام جلد ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي. اهو ٻڌي منهنجي اُڃ ۽ تجسس ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو. شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ، سندس شاندار ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ هن هڪ اعزازي ڪاپي مون کي ڏني.تحقيق جا ڪيترائي اصول، فن ۽ طور طريقا ٿيندا آهن. گھڻو ڪري تحقيق ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کي آڏو رکي، انهن کي اٿلائي پٿلائي، پوءِ لکي ويندي آهي. اهو به تحقيق جو هڪ بنيادي جز آهي. ڇو جو قديم آثارن ۽ ماڳ مڪانن بابت ته هونئن به حوالن ۽ مددي ڪتابن کان سواءِ، ٻيو ڪو به رستو باقي بچيل ڪو نه هوندو آهي. البت آئون ان تحقيق کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهيان، جيڪا قديم آثارن، ماڳن، مڪانن، شخصيتن يا علائقن بابت روبرو يا اکين سان ڏسي، عقلي اصولن ۽ سائنسي بنيادن تي لکي وڃي.
نواز ڪنڀار جا ٻيا به ڪجهھ ننڍا وڏا ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا آهن. جهڙوڪ: اڇڙو ٿر، سانگھڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو ۽ آفتن بابت بنيادي ڄاڻ وغيره. هو جيڪا تحقيق ڪندو رهيو آهي، اها گھڻو ڪري نج، پيور ۽ اصلي هوندي آهي. هو گھڻو ڪري ٻين جي ڪتابن ۽ ڪهاڻين مان حوالا اخذ ڪرڻ کان پاسو ڪندو رهندو آهي. پاڻ علائقي واسين سان روبرو ملي، انهن سان احوال اوري، نج، حقيقي ۽ تُز تحقيق کي ترتيب ڏيندو رهندو آهي. سندس موجوده ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ اهڙن تحقيقي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. هن ڪتاب لکڻ جي لاءِ، پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان روبرو مليو آهي، ڏاهن ڏانهن ڏھه-ڏھه ڀيرا ويو آهي ۽ انهن سان قرب ڪچهريون ڪيون اٿس. انهن کان ٻڌل، آزمايل ۽ اکين ڏٺل احوال ۽ ڳالهيون نوٽ ڪري، پوءِ ڪتاب ۾ شامل ڪندو آيو آهي.ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾، ”مَکيءَ جو ماتم“ ڪندي لکي ٿو، ته ”افسوس! جو اسان پنهنجي ذاتي، شخصي، انفرادي ۽ عارضي فائدي لاءِ، تباهي ۽ برباديءَ ۾ وسان ڪو نه گھٽايو آهي. جيڪو علائقو اڳ ۾ “سونَ جي دَکي” سڏبو هيو، اهو هاڻي “سُورن جي دُکي” يا “ سُورن جي سُتي” ٿي چڪو آهي. درياھه تي بئراج ٺاهي، ان کي ڏانوڻ ڏيندڙن اهو ڪڏهن به ڪو نه سوچيو، ته ان سان دنيا جي هن ناياب ۽ منفرد مقام کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ، ماحوليات، آبهوا، جھنگلي جيوت، آبي حيوانات ۽ نباتات جو ڪيترو نقصان ٿيندو“.مکي ماضي قريب توڙي ماضي بعيد ۾، هڪ اهڙو علائقو هو، جنهن ۾ ننڍا ننڍا شهر، ڳوٺ، حويليون، ماڙيون، واهڻ، وستيون ۽ وسنديون آباد هيون. جيڪي هن وقت ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي چڪيون آهن. مکيءَ ڍنڍ واري حصي ۾ هلي ڏسبو، ته ان جي اندر ماڙيون، محلات ۽ بنگلا به بيٺل نظر اچن ٿا. جيڪي انساني امنگن ۽ عاليشان ترقيءَ جا مکيه مينار هوندا هئا. جيڪي انساني آدرشن جا جئرا جاڳندا ثبوت ۽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪري رهيا آهن. انهن خالي پيل ماڙين، محلاتن ۽ بنگلن ۾، هاڻي چمڙا چرڙاٽ ڪري رهيا آهن. عقابن ۽ ابابيلن اچي آکيرا اڏيا آهن. رات جو گدڙ اوناڙيون ڪن ٿا، چٻرا چٻاڙا ڪڍن ٿا ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڌُوڌُو ڳيرا گُهوڪن ٿا. واءِ انساني ترقي! هن وقت مکيءَ ڍنڍ کي، چوٽياري ڊئم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان مان جيڪو فائدو حاصل ٿيندو، ته اهو بعد ۾ ڏٺو ويندو، پر ان مان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ٿي رهيو آهي ۽ اڃان ٿيندو، اهو فائدي جي بنسبت هزار درجا وڌيڪ خطرناڪ آهي.ڪيڏانهن ويا مالوند مارو ماڻهو؟ جن جو چوپايو مال اڻ ڏڌو ڇڙندو هيو. “ڪيڏانهن وِئا سَنگھارَ؟ جي هُئا هِنِي ڀيڻِيين.” (شاھ) ماڻهو جھرجھنگ ۾چنگ وڄائيندا هئا. نڙ بيت، ڏور ڳجھارتون، لوڪ داستان، قصا ڪهاڻيون، بوڙينڊا، بينا، بانسريون، مُرليون، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائيندا هئا. شادين مرادين ۾ سِهرا ۽ ڳيچ ڳائبا هئا. جھمريون پائبيون ۽ مينديون لڳائبيون هيون. ڳوٺاڻا ٻارگھاڻ گوگڙو، لڪ لڪوٽي، اک ٻوٽ، انڌڙا ڪاسائي، ونجهھ وٽي، ملهھ، ٻيلهاڙو، ڦرڦر سَونٽو، چيڪل، پينگهھ، ڏڙهو، گِلي ڏڪر، بلور، تِجي ۽ ٻيون رانديون کيڏندا هئا. اوڙوڙاڻا، ڦُلِي ڦُلاڻا، جُود نانوان، ڏي سڀئِي، ڪُنِر اَئِي، ڏُڌ پڪو، اُڌ پڪو، چمڙوڪو چِيلِي اَئِي، ڇُٽڙُڪ… اِرچڪ مِرچڪ، ڌاڻا ڌِرچڪ، آڳ پٽيهر، ٽويو ٽيهر، لوهو لاٽُون، چنڻ گھاٽُون، نانگڻ، جوڳڻ، خيران، کُٽِي، ٻُٽِي، ڇُٽِي… هي اسان جي لوڪ راندين جا ٻول هئا. جنهن جو پير پڇاڙيءَ ۾ ڇُٽندو هو، ته اهو ٻار ڪُوڪ ڏيڻ وارن کي آڳ ڏيندو هو. هاڻي اهي رانديون ويون، رمزون ويون، ڳالهيون ويون، گام ويا، گس ويا، ڳوٺ ويا، ماڳ ويا، مڪان ويا، ٻيلا، ڍنڍون، ڍورا، ڀٽون ڊرٻون ۽ ميدان به ويا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته: ”جھوڪُون نه جُهڻڪَنِ، وَڳَ نه پَسان وَٽِ ۾“. يا ”جِهڄان پَسِئو جھوڪَ، آيلِ! سَنگھارَنِ جِي“.نواز ڪنڀار کي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ لکڻ تي، اسين ملڪي ايوارڊ ملڻ جا تمنائي آهيون. اسان جي قومي اداري “انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي” کي به جس هجي، جو “دير آيد، درست آيد” جي مثال وانگر، جيڪو ڪتاب ڌيرج ۽ ڌيمي وقفي سان ڏنو آهي، ته اهو بلڪل بهتر ڏنو آهي. دعا آهي ته شال! نواز ڪنڀار جو تحقيقي ۽ تاريخي پورهيو جاري ۽ ساري رهي. سندس قلم مان مس ڪڏهن نه سُڪي ۽ ڪاغذ جي ڪايا تي، قيمتي ڪتاب قطار در قطار ايندا رهن.