ليکڪ: گل محمد سومرو
ڪورونا جي وبا دنيا جي ڪا پهرين بيماري نه آهي. دنيا ۾ ازل کان وٺي مختلف بيماريون ظاهر ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ ڪي موزي مرض، ته ڪي لا علاج بياريون، ڪي وچڙندڙ بيماريون، ته وري ڪجهه موت مار بيماريون به شامل آهن. انهن تمام بيمارين ۾ ڪجهه بيماريون انسانن جي زندگيءَ جو سڳو ٽوڙي ڇڏينديون هيون ته ڪي بيماريون وري انسان کي معذور بڻائي ڇڏينديون هيون. تاريخ گواهه آهي ته قديم دور ۾ ڪيتريون ئي مهلڪ، لاعلاج ۽ موت مار بيماريون ته هيون پر انهن جا جوڳا علاج نه هجڻ برابر هئا. پر هر دور ۾ بيماريءَ جو علاج ڳولا ڪرڻ لاءِ ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون حڪومت پاران ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي سهڪار سان ان بيماريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهن بيمارين جو علاج بهتر انداز ۾ ڪرڻ جا مڪمل طور تي اپاءَ وٺڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. انهن بيمارين ۾ ٽي. بي ( سِلهه )، ڪاري ڪامڻ، ناسور، مدي جو بخار، گردن توڙ بخار، مرگهي، دل جو دورو پوڻ وغيره. انهن بيمارين ۾ ٽي. بي هڪ وچڙندڙ ۽ خطرناڪ بيماري آهي. ان کان سواءِ ناسور، جنهن کي هن وقت اسان ڪينسر جو نالو ڏنو آهي، اها هڪ نهايت خطر ناڪ بيماري آهي. پر ڪنهن به دور ۾ يا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ انهن بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪهن به ورق تي ڪا به نشاني نه ٿي ملي. هن وقت جديد دور آهي، هر بيماريءَ جو علاج دنيا جو ڪو نه ڪو ترقي يافته ملڪ ڳولي لهي ٿو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر طرح جي بيمارين جي علاج جون سهوليتون پڻ موجود آهن. شهرن توڙي ڳوٺن ۾ نه رڳو عام ڊاڪٽر بلڪه هر بيماريءَ جا ماهر ڊاڪٽر موجود آهن. هجڻ به ائين گھرجي ته ڪنهن به بيماريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ان جا حفاظتي انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏو گڏ ان جو علاج تلاش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.دنيا ۾ ڪورونا جي وبا جو آغاز چين، ايران، آمريڪا ۽ پوءِ ٻين ملڪن کان ٿيو. انهن ۾ ڪورونا جي وبا جو شڪار ٿيندڙ ۽ ان وبا جي ڪارڻ مرندڙن جو انگ به انهن ئي ملڪن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو. پر هن وقت چين هجي يا ايران انهن ملڪن جي ماهر ڊاڪٽرن ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ملڪ ۾ ڪورونا جي بيماريءَ کان بچڻ جو انتظام ڪيو آهي، جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ تعليمي عمل يا ڪاروبار عام طور تي بنا ڪنهن خوف جي جاري آهي. ان جو هڪ وڏو ۽ قابل فخر قدم اهو به آهي ته دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ سياستدان اعليٰ تعليم يافته، باشعور ۽ سلجهيل منتخب ڪيا ويندا آهن. ۽ انهن ملڪن ۾ جعلي ڊگريءَ جو ڪو تصور ئي نه آهي. جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تعليمي عمل يا معيشيت کي ڇيهو رسائڻ جي ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي ويندي آهي.پاڪستان جي تاريخ ۾ به بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ يا انهن کان بچڻ لاءِ ڪنهن به دور ۾ نه معيشيت کي برباد ڪرڻ جي ڪا پاليسي جوڙي وئي ۽ نه ئي تعليمي ادارن کي تالا هڻي شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جي، انهن جي مستقبل ۾ اونداهيءَ جو ڄار وڇائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وقت ڪورونا جي وبا کي لڳ ڀڳ ڏهه مهينا گذري چڪا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ ان وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ، ان جو علاج تلاش ڪرڻ، ان بيماريءَ کان بچڻ جا جوڳا قدم کڻڻ لاءِ حڪومت مڪمل طور تي غير سنجيده آهي. حڪومت جي نگاهن ۾ ڪورونا جو علاج رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو تعليمي ادارن کي تالا هڻڻ آهي. هن وقت ملڪ جو ٻچو ٻچو ان حقيقت کان واقف آهي ته ڪورونا جي آڙ ۾ جيترو نقصان ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ شاگردن کي رسيو آهي، اهو ڪنهن ٻئي اداري کي ناهي رسيو. اسان جي اها بد قسمتي آهي جو اسان جي ملڪ جا سياستدان تمام گھٽ پڙهيل لکيل ۽ جعلي ڊگريون رکندڙ آهن پوءِ اهڙن سياستدانن جي هٿ ۾ تعليم جو نظام ايندو ته هو ملڪ جي تعليمي نظام جو ٻيڙو غرق ئي ڪندا. هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌائي ٻڌايو پيو وڃي ۽ ان جي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جا تعليمي ادارا 45 ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هن وقت تائين اسڪولن مان اهڙو ڪو به ڪورونا جو ڪيس ظاهر نه ٿيو. پر ان جي باوجود به تعليمي ادارن کي تالا هنيا ويا آهن. تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري شاگرد يقينن گھرن ۾ ويهڻ بدران پنهنجي علائقن جي راندين جي ميدانن ۾ يا گھٽين ۾ ضرور راند روند ئي ڪندا. جڏهن ته راندين جي ميدانن ۽ گھٽين ۾ ايترو صفائيءَ جو انتظام به ناهي هوندو. ان ڪري انهن جاين تان ته ٻارن کي ڪورونا جي بيماري ۾ وڪوڙجڻ جو خطرو وڌيڪ آهي.ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته اسان جا حڪمران ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي غير سنجيده آهن. انهن هر دور ۾ پنهنجي آسائشن کي ترجيح ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. پر ملڪ جي مسئلن طرف انهن جي ڪا به توجهه ناهي رهي. هوملڪ جا مسئلا ٻڌي ڪري به اڻ ٻڌي ڪري ٽاري ڇڏيندا آهن. پر افسوس جو هن وقت ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ته ٺهيو پر ملڪ جو تعليمي نظام برباد ڪرڻ، شاگردن جي مسقتبل کي اونداهي ۾ ڌڪيلڻ ۽ ملڪ جي معيشيت کي تباهه ڪرڻ واري حڪمت عملي جوڙي پاڪستان کي پنهنجي هٿن سان پاڻ برباد ڪيو پيو وڃي. هن وقت شاگردن، والدين، استادن ۽ اسڪول مالڪن کي هڪ ٿي اهو آواز اٿارڻ گھرجي ته ملڪ جي تعليم جو قلمدان انهن جاهلن کان کسي پڙهيل لکيل، باشعور ۽ قابل انسانن جي هٿ ۾ ڏنو وڃي. تعليمي ادارن کي تالا هڻي ملڪ ۾ جهالت جو ڄار وڇائڻ جي سازش نه ڪئي وڃي.