290

افغانستان جو پرامن مستقبل ڪنهن تي ڀاڙي ٿو..؟؟

ليکڪ: مليحه لوڌي

آمريڪي دفاع واري کاتي طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته افغانستان مان وڌيڪ آمريڪي فوج جي نيڪالي وقت کان اڳ ٿي ويندي، هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ان سان افغان امن عمل بابت ڪي خدشا ته نه اڀرندا، ان جو جواب آهي ته نه، افغان امن عمل ۾ ڪيترائي اهڙا عمل آهن، جيڪي فوج جي تعداد کان وڌيڪ اهم آهن، حالتون جيئن به هجن، فيبروري ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ دوحا ۾ ٿيل ٺاهه کانپوءِ افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوج جي انگ ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، ان لاءِ ايندڙ سال جنوري جي وچ تائين وڌيڪ 2000 فوجي نڪرڻ سان ڪو گهڻو فرق نه پوندو، ڇو ته آمريڪا فضائي طاقت ۽ دهشتگردي ٽوڙڻ جي صلاحيت وري به برقرار رکندو، ان کانسواءِ ڪجهه هزار نيٽو فوجي افغان فوجين جي تربيت لاءِ موجود آهن ۽ حالتون سازگار ٿيڻ تي اهي به افغانستان مان نڪري ويندا، انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻ عالمي برادري جو ڌيان به فوجي معاملن کان هٽي معاشي حالتن تي هليو ويندو، پر افغانستان جي مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته افغان ڌڙن جي ڳالهين ۾ غير ملڪي فوج جي نيڪالي کان اڳ ڪو جنگبندي جو معاهدو ٿئي ٿو يا نه؟ دوحا ٺاهه کانپوءِ افغانستان ۾ شروع ٿيل بين الافغان ڳالهين کي هن وقت سخت چئلينجز آهن، انهن ڳالهين کي شروعات ۾ ئي دير ٿي وئي، ڇو ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا تي تڪرار موجود هو، جڏهن اهو مسئلو حل ٿي ويو ته قطر ۾ ڌرين وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون ۽ هاڻ خبر اچي رهي آهي ته ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٺاهه جي صورت اختيار ڪرڻ واري آهي، جنهن ۾ ڳالهين جي عمل ۽ ٽرمز آف ريفرنس يعني ٽي او آرز کي شامل ڪيو ويندو ۽ ان عمل کانپوءِ اميد آهي ته جنگبندي سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون شروع ٿينديون، آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو جو قطر وارو دورو ۽ طالبان جي ڳالهين واري وفد جي سربراهه ملا عبدالغني بردار سان ملاقات جو مقصد به اهو ئي هو ته آمريڪي دفاع واري وزارت طرفان فوج جي نيڪال واري بيان کانپوءِ ڳالهين واري عمل ۾ تيزي آندي وڃي. پر هر ڪوئي ان ڳالهه سان متفق نه آهي ته غير ملڪي فوج جي تيزي سان نيڪالي جو ڪو اثر نه پوندو، جنوري 2021ع ۾ 2000 فوجي جوانن جي ٿيندڙ واپسي دراصل دوحا ٺاهه مطابق مئي 2021ع ۾ ٿيڻي هئي، انهن 2000 فوجي جوانن جي واپسي کانپوءِ به افغانستان ۾ اڍائي هزار آمريڪي فوجي موجود رهندا، ڪجهه ميڊيا رپورٽون ان ڳالهه طرف اشارو ڪن ٿيون ته ڪجهه آمريڪي اتحادي ان فيصلي سان پريشان آهن پر ظاهر آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ان فيصلي ذريعي صدارت ڇڏڻ کان اڳ آمريڪي فوج جي وطن واپسي جو واعدو پورو ڪرڻ چاهي ٿو، افغانستان جي قومي مصالحت بابت هاءِ ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هو ان فيصلي جو احترام ڪن ٿا، پر اهو فيصلو انتهائي جلدي ڪيو ويو آهي، نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينس اسٽولٽن برگ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان مان تڪڙو يا غير منظم طريقي سان نڪرڻ جي وڏي قيمت به ڏيڻي پئجي سگهي ٿي، آمريڪي تجزيي نگارن ۽ ڪانگريس ۾ موجود ڪجهه ريپبلڪن ميمبرن کي خوف آهي ته جلدبازي ۾ ٿيندڙ نيڪالي ڳالهين دوران طالبان جي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيندي، ٻئي طرف طالبان اهڙي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي هڪ سٺو قدم قرار ڏنو آهي، جنهن سان جنگ جي خاتمي ۾ مدد ملندي. هونئن ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا آمريڪي فوج جي ذميواراڻي نيڪالي تي زور ڏيندو آيو آهي پر تازي اعلان سان پاڪستاني عملدار نه ته حيرت ۾ مبتلا ٿيا نه ئي پريشان ٿيا، سندن خيال آهي ته ان عمل جي نتيجي ۾ واشنگٽن افغان ڌرين کي ڳالهيون تيز ڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻيندو ۽ ان ڳالهه جا امڪان به موجود آهن ته جوبائيڊن انتظاميا به ان ئي رستي تي هلندي رهندي. خاص طور تي هاڻ جڏهن فوج جي نيڪالي جي ڳالهه ايتري اڳتي وڌي چڪي آهي جيڪڏهن ماضي تي به نظر وڌي وڃي ته جوبائيڊن سدائين افغانستان ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪئي آهي ۽ سدائين جاري رهندڙ جنگين کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي،  ان قسم جي سُس پُس به ٿي رهي آهي ته بائيڊن انتظاميا دفاعي عملدارن ۽ نيٽو اتحادين جي خدشن کي سامهون رکندي فوج جي نيڪالي کي سست ڪري ڇڏيندي پر شايد اهڙي عمل سان به افغانستان جي زميني حالتن تي ڪو فرق نه پوندو، هڪ اهم سوال اهو آهي ته آمريڪا جي اندروني معاملن ۽ ٻين پرڏيهي معاملن کي ڏسندي بائيڊن انتظاميا افغان مسئلي تي ڪيتري جلدي ۽ ڪيترو موثر طريقي سان ڌيان ڏئي ٿي، افغانستان ۾ ڇڪتاڻ ۾ ٿيندڙ تازي واڌ پاڙيسري ملڪن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن لاءِ پريشان ڪندڙ آهي، اها ڳالهه پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي تازي ڪابل جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ به نظر آئي، ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه واڌ ته متوقع هئي ڇو ته ان ڳالهه جو امڪان هو ته ڌريون ڳالهين دوران پنهنجي حيثيت مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي قبضي وارن علائقن کي وسعت ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديون، پر اها ڳالهه تازي ڇڪتاڻ جي وضاحت نه ٿي ڪري، شهرن ۾ وڌندڙ دهشتگردي سان سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿي ان جي پويان انهن گهرو ۽ پرڏيهي عناصرن جو هٿ ته نه آهي جيڪي ڳالهين جي ڪاميابي کان بيزار آهن، هاڻ اها ڳالهه سچ هجي يا نه، پر ڇڪتاڻ ۾ واڌ سان دٻاءَ وارو ماحول ۽ غيريقيني صورتحال پيدا ٿي رهي آهي جيڪا ڳالهين واري عمل کي متاثر ڪري سگهي ٿي، پر جڏهن هڪ ڀيرو ٽي او آرز تي اتفاق ٿي وڃي ته پوءِ ايندڙ مرحلي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڳالهين واري عمل لاءِ اعتبار ۽ سڪون جو ماحول قائم ضروري آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ فنلينڊ جي ميزباني ۾ جنيوا ۾ افغانستان بابت هڪ ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ آمريڪا، يورپي يونين ۽ ٻين امداد ڏيندڙن افغانستان لاءِ ايندڙ سال 3 ارب ڊالر ۽ ان کان اڳين 4 سالن دوران 12 ارب ڊالر امداد جو واعدو ڪيو آهي، پر خاص ڳالهه اها آهي ته اهو واعدو ڳالهين ۾ اڳڀرائي ۽ جنگبندي سان مشروط آهي، جڏهن ته يورپي يونين وري ان کي انساني حقن جي تحفظ سان مشروط ڪيو آهي، هڪ اعليٰ آمريڪي عهديدار مطابق آمريڪا طرفان 2021ع لاءِ واعدو ڪيل 60 ڪروڙ ڊالرن مان اڌ هاڻ ئي جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي اڌ ڳالهين جي عمل کي ڏسڻ کانپوءِ جاري ڪيا ويندا، ان بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڳالهيون ڪرڻ وارن آڏو ٻين معاملن کان وڌيڪ عالمي برادري طرفان ملندڙ امداد اهم هوندي، افغان حڪومت ۽ طالبان ٻئي عالمي امداد کي ضروري سمجهن ٿا، ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته ان کانسواءِ رياست بيهي نٿي سگهي، جيئن ته عالمي اثر وقت سان گڏ گهٽجي ويندو، ان لاءِ دٻاءَ بدران معاشي فائده امن عمل تي اثرانداز ٿيندا، پاڪستان ۽ افغانستان جا ٻين پاڙيسري ملڪن سان عالمي برادري جي مفادن، افغانستان جي پرامن مستقبل سان لاڳاپيل آهن پر اهو افغانين تي ڀاڙي ٿو ته اهي امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکي سوديبازي ڪن ٿا يا نه، افغانستان جي مستقبل جو تعين صرف افغان ئي ڪري سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو