راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي علائقي پيرودائي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ) راولپنڊي جي علائقي پيرودائي جي هڪ دڪان ڀرسان اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي امدادي ٽيمن اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ ڄڻي دم ڏنو. پوليس مطابق ڌماڪي جي نوعيت خبر پئجي نه سگهي آهي، ڌماڪو رڪشي ۾ ٿيو آهي، شايد ٽينڪي يا گئس سلينڊر سبب ٿيو آهي، جڏهن ته دهشتگردي واري امڪان کي به رد ڪري نٿو سگهجي، هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.
274