212

ڄامشورو ڀرسان لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس حادثي جو شڪار، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان پيٽارو ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ ايمبولينس وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميهڙ واسي نوجوان فوت ٿي ويو آهي، ڪراچي کان ميهڙ مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس جو سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميهڙ واسي رسول بخش مڱڻ فوت ۽ عبدالڪريم ڳورڙ زخمي ٿي پيو، جن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل رسول بخش مڱڻ پنهنجي سس جو مڙهه ميهڙ کڻي وڃي رهيو هو ته ايمبولينس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو