242

پي ڊي ايم ڪارڪنن تي تشدد: جي يو آءِ جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 30 نومبر تي پي ڊي ايم جي جلسي دوران پوليس پاران ڪارڪنن تي تشدد ۽ سندن گرفتارين خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا  ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، دادو، ٺٽو، بدين، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سانگهڙ، خيرپورميرس، قمبرشهدادڪوٽ، ڄامشورو، سڪرنڊ، شڪارپور، جوهي، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران احتجاجي مظاهرا ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هاڻوڪي سرڪار مڪمل طور تي ناڪام ٿي چُڪي آهي، جنهن عوام سان ڪيل هڪ به واعدو وفا ناهي ڪيو،. هنن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم جعلي آهي، اسان کي ڪورونا مان به ايترو نقصان ناهي پهتو جيترو موجوده وزيراعظم کان پهتو آهي. هنن چيو ته ملتان ۾ پي ڊي ايم جي ڪامياب جلسي سبب اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو