246

ڪوبه قانون ۽ تنقيد کان مٿانهون ناهي، پي ٽي اي تنقيد جي حوصلا افزائي ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جمهوريت جي لاءِ تنقيد ضروري آهي، پي ٽي اي حوصلا شڪني ڪرڻ بجاءِ حوصلا افزائي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله سوشل ميڊيا رولز بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پي ٽي اي  جي وڪيل کي اظهار جي آزادي کي دٻائڻ واري ڀارت جو مثال ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته ڪوبه قانون ۽ تنقيد کان مٿانهون نه آهي، پي ٽي اي تنقيد جي حوصلا افزائي ڪري، ڇو ته اها اظهار جي آزادي جو اهم ترين جُز آهي، جيڪڏهن سوشل رولز سان تنقيد کي حوصلا شڪني ٿيندي ته هي احتساب جي حوصلا شڪني هوندي، ڪير ڇو تنقيد کان خوفزده ٿئي، هر هڪ کي تنقيد سان منهن ڏيڻ گهرجي. عدالت پي ٽي اي کي هدايت ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪيو ته رولز آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي خلاف نه آهي، پاڪستان بار ڪائونسل جا اعتراض مناسب آهن هي رولز به مائينڊ سيٽ جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. عدالت پي ٽي اي کي سوشل ميڊيا لاءِ حڪومت جي ٺاهيل رولز بابت بار ڪائونسل جي اعتراضن کي نظّر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ پي ٽي اي سان ٻيهر جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو