265

مسجدن کي ڪنهن به صورت ۾ بند ڪري نٿا سگهون پر احتياط ضروري آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مسجدن کي ڪنهن به صورت ۾ بند ڪري نٿا سگهون پر احتياط ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪورونا جي ٻي لهر خلاف قدم کڻڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن واري وزارت کي ڪورونا جي حوالي سان عالمن سڳورن ۽ اين سي او سي سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو  ته مسجدن کي ڪنهن به صورت ۾ بند نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ به ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو