جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو آهي ته ويڪسين جي موجودگي باوجود ڪورونا سبب ٿيندڙ نقصان کي پورو ڪرڻ ۾ ڪيترائي ورهيه لڳي سگهن ٿا، پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي اشارو ڏنو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس ڪافي نقصان پهچايو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڃا تائين نقصان جاري آهي ويڪسين اچڻ باوجود ان نقصان جو پوراءُ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ورهيه لڳي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ڪورونا نقصان جي ازالي جي لاءِ پوري دنيا ۾ پيداوار جو 10 سيڪڙو جيترو امدادي فنڊ مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ان فنڊ سان متاثر ملڪن ۽ قرضن ۾ ٻڏل ملڪن جي مدد ڪئي ويندي، انتونيوگوتريس پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي منصفاڻي فراهمي جي لاءِ قائم ڪيل اداري ڪوويڪس جي مول متن جي طريقيڪار بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته ويڪسين جي پهچ جي لاءِ هڪ عالمي ٺاهه جي ضرورت آهي. ياد رهي ته آمريڪا، روس ۽ چين جي ڪمپنين ڪورونا ويڪسين جي تياري جي دعويٰ ڪئي آهي، برطانيا فائزر جي ويڪسين جي عام استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته آمريڪا سوڌوٻين ملڪن ۾ مختلف ويڪسينز جي هنگامي بنيادن تي استعمال جي اجازت پهريان کان ئي ملي چڪي آهي، جڏهن ته پوري دنيا ۾ ويڪسين جي منصفاڻي ورهاست به هڪ سوال بڻيل آهي.
202