298

ميرپورخاص ۾ استادن جي بدلين خلاف پ ٽ الف پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي ميرپورخاص  جي ڪامورن پاران ايس ٽي آر جي نالي تي 618 ميل ۽ في ميل استادن جون بدليون ڪرڻ خلاف پ ٽ الف پاران گورنمينٽ شاهه لطيف پرائمري اسڪول کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين سوين ميل في ميل استاد احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپوخاص پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ اعظم هزاروي،  پيراڻو مڱريو، شاهين لغاري، گسٽا اڳواڻ گل حسن لاشاري ۽ ٻين چيو ته ايس ٽي آر جي نالي تي ضلعي مان 618 ميل ۽ في ميل استادن کي بدلي ڪيو ويو آهي، اسان اسڪول کولڻ خلاف نه آهيون، اسڪول کي کولڻ لاءِ مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ سٺو قدم آهي پر ميرپورخاص ۾ ايس ٽي آر جي نالي تي ڪمائي جو ڌنڌو کوليو ويو آهي. هنن چيو ته ايس ٽي آر جي قانون موجب تعلقي اندر بدليون ڪرڻيون آهن پر تعليم کاتي جي ڪامورن ضلعي کان ٻاهر به استادن جون بدليون ڪيون آهن جيڪو غيرقانوني ۽ استادن سان ظلم آهي. هنن چيو ته جھڏو مان استاد بدلي ڪري ميرپورخاص ۽ ميرپورخاص مان بدلي ڪري جھڏو رکيا ويا آهن اهو ڪٿي جو انصاف آهي، جڏهن ته ميرپورخاص شهر مان 270 کان 280 في ميل ۽ ميل استادن جو بدليون ڪيون ويون آهن ساڳي طرح ٻين تعلقن مان به اهڙيون بدليون ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته جيڪي بدليون ڪيون ويون آهن اُهي اڳ ئي تڪراري بڻيل آهن، انهيءَ لسٽ کي اڳوڻي ڊي او پرائمري نويد ابڙي جعلي قرار ڏيندي چيو هو ته انهيءَ لسٽ تي منهنجي جعلي صحي ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ جي شڪايت ڊي سي، ڊائريڪٽر تعليم ۽ ٻين اختيارين کي به ڪئي هئي ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر انهي لسٽ تي ڪيل بدلين کي روڪي ڇڏيو هو پر هڪ ڀيرو ٻيهر انهيءَ لسٽ کي ظاهر ڪري ڪمائي لاءِ تڙ تڪڙ ۾ آرڊر ڪيا ويا آهن، اسين انهن غيرقانوني بدلين خلاف احتجاجي تحريڪ سان گڏ قانوني رستو پڻ اختيار ڪنداسين. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير تعليم،  سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ٽي آر جي نالي تي استاد کي پريشان ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي غيرضروري آرڊر واپس وٺي استادن کي پريشان ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو