262

برطانيا ۾ گندي پاڻي جي پلانٽ ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ گندي پاڻي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برطانيا جي ڏکڻ اولهه شهري برسٽل جي پوليس ترجمان ٻڌايو ته ڌماڪو برسٽل ويجهو ايونماوت جي صنعتي علائقي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جا آثار نظر ناهن آيا، ان حادثي جي جاچ شروعاتي مرحلي ۾ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو