238

ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 نقاطي پلان وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته دنيا ۾ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 نقاطي پلان وزيراعظم عمران خان جي قائداڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي، عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو هر ڪورونا متاثر ملڪ جي لاءِ برابر ويڪسين جي فراهمي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته غريب ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جو فنڊ قائم ڪرڻ، غريب ملڪن جي قرضن جي معافي، ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڏوهارين کان ڦريل دولت جي واپسي لاءِ وزيراعظم جو واضح اظهار حقيقت ۾ غريب جو آواز آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ پاڪستان جي ڪاماياب حڪمت عملي اڄ دنيا جي لاءِ پوئيواري جو سبب آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو