لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ڊي ايم جي ڪارڪنن جي نظر بندي معطل ڪري ڇڏي ۽ ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس چوڌري محمد مشتاق اڪبر يوسف سميت پي ڊي ايم جي 17 ڪارڪنن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نظر بندي جي حڪمن کي چئلينج ڪيو ويو. عدالتي ٻڌڻي تي درخواست ڏيندڙ ڪارڪنن جي وڪيل رفاقت ڊوگر عدالت کي ٻڌايو ته اپوزيشن جي 13 ڊسمبر جي جلسي کي روڪڻ لاءِ بنا جواز نظر بندي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل نڪتو اٿاريو ته سياسي سرگرمين کي روڪي نٿو سگهجي ۽ ايئن ڪرڻ بنيادي حقن جي نفي آهي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ڪاروائي 28 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
324