اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ خيبرپختونخواهه ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پرويز خٽڪ، اسد عمر، علي امين گنڊاپور، تيمور سليم جهڳڙا ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي جلد پڄاڻي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. رشڪئي اڪنامڪ زون جي افتتاح تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رشڪئي اڪنامڪ زون جو جلد افتتاح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ڊي آءِ خان اڪنامڪ زون تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊي آءِ خان اڪنامڪ زون کي اسپيشل صنعتي زون بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي صدارت ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ اعلي امين گنڊاپور، اسد عمر، فيصل واوڊا، مراد سعيد، تيمور سليم جهڳڙا، اي سي ايس ڪي پي شامل آهن. ڪميٽي چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال ۽ چڪدره هاءِ وي ۽ ڊي آءِ خان موٽروي تي ڪم کي مانيٽر ڪندي. ڪميٽي ۾ سي پيڪ تحت جاري سڀني منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي غور ڪيو ويو.
