196

ڪراچي جي وڌيڪ 13 علائقن ۾ 18 ڊسمبر تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ ڪراچي جي وڌيڪ علائقن ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي اولهه ضلعي جي 13 علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 5 ڊسمبر کان 18 ڊسمبر تائين بلديا ٽائون، اورنگي، گڏاپ ۽ ڪياماڙي جي مخصوص علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو هوندو. سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ اسلام نگر، سعيد آباد، مهاجر ڪئمپ، معمار آباد، يوسف ڳوٺ، ڪياماڙي، داتانگر، حنيف آباد، پاڪ ڪالوني، ميٽروول، بواني چالي ۽ فرنٽيئر ڪالوني ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو