188

الوداع ڪورونا! پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زراري ڪورونا مان صحتياب، ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي آهي، ڪجهه وقت اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي، جنهن کانپوءِ هو گهر جي هڪ مخصوص حصي ۾ آئسوليٽ ٿي ويو هو پر هاڻ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي آهي ۽ ان جي تصديق سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو