ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جڳ مشهور گلوڪار علي ظفر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سندس ڳايل گيت ”الي منهنجا ماروئڙا“ کي ڀرپور موٽ ملڻ تي سنڌي قوم جا ٿورا مڃيا آهن، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ علي ظفر چيو آهي ته الي منهنجا ماروئڙا گانو سنڌي ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ ڳايو، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيوويو آهي، ڀرپور موٽ ڏيڻ تي سنڌي ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته سنڌ جي ثقافت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجو ٿورو حصو ڳنڍيو آهي.
