279

خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪرڪ ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪرڪ جي علائقي چوڪاره ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس مطابق مقتولن ۾ ماءُ پٽ به شامل آهن، شروعاتي جاچ موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو