188

گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ مقرر  انڊر سيڪريٽري جنرل ولاديمير ورونڪوف سان ملاقات ڪئي، هن اهم ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم پاڪستان خلاف دهشتگرد سرگرمين ۾ هندستان جي ملوث هجڻ جي بازي ۾ ڊوزيئر پيش ڪيا. گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽي ولاديمير ورونڪوف وعدو ڪيو ته هو ڊوزيئر جو مطالبو ڪندو، ولاديمير ورونڪوف وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ وارين ڳالهين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر  ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق مسئلان جو حل ڳوليو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو