ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) نامياري سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي مڙهه کي درسگاهن واري شهر ڄامشورو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. ڄامشورو ۾ المنظر ڀرسان سنڌو ڪناري قائم ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ لڪياري هائوس وٽ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي ٿيل آخري رسمن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن ۽ صحافين سوڌو مختلف برادرين جي ماڻهن توڙي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي مڙهه کي سندس گهر ڀرسان سوڳ واري ماحول ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي سندس پٽن سيد لطف علي شاهه، سيد سردار علي شاهه، سيد ڪاظم علي شاهه ۽ ٻين سان ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو، پير مجدد شاهه، نواز خان زنئور، ذوالفقار هاليپوٽو، ادريس جتوئي، پروفيسر محمد خان سانگي، پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو، ناصر پنهور، پروفيسر سيد فهيم شاهه، پروفيسر فهيم نوناري، علي حسن ملاح، عثمان منگي، عبدالمجيد پنهور، سيد تاج علي شاهه، سيد فيض محمد شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر خليل الرحمان کنڀڙاٽي، مولا بخش محبتي، شفيع محمد چانڊيو، سارنگ خان محمد پنهور، محمد علي گهانگهرو، نفيس احمد نوشاد شيخ، طفيل احمد چانڊيو، صحافي حاڪم چانڊيو، نديم پنهور، شوڪت ميمڻ، علي مراد چانڊيو، عظيم پنهور، صدرالدين جوڻيجو ۽ ٻين تعزيت ڪئي.
347