302

حيدرآباد : پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث 12 دهشتگردن کي 25_25 ورهيه قيد جي سزا

 حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث 12 دهشتگردن کي 25_25 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پابندي مڙهيل  هڪ تنظيم جي 12 دهشتگردن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 25_ 25 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قائم ڪيل دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 2 ۾ جج غلام مصطفيٰ اي ميمڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 12 دهشتگرن کي سزا جو حڪم ٻڌايو، جن دهشتگردن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، انهن ۾ عطاءَ الرحمان، قاسم طوري، شهزاد، شعيب، مجيب سوڌو 12 ڄڻا سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد آهن، سزا ٻڌايل دهشتگردن تي 2004ع ۾ ڪراچي جي گلستان جوهر ٿاڻي تي دستي بم سان حملو ۽ فائرنگ ڪري ٿڏي تي 5 پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ جو الزام هو، حملي ۾ امير علي، اشفاق احمد، ملڪ سرفراز، سوڌو 5 اهلڪار شهيد ٿيا هئا، ان کان علاوه ساڳيا دهشتگرد ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر احسن سليم حيات تي حملي واري ڪيس ۾ به ملوث هئا

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو