223

ڄامشورو ڀرسان گرفتار ٿيل 113 ڄڻن مان 35 افغاني نڪتا، مٿن فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان گرفتار ٿيل 113 ڄڻن مان 35 افغاني نڪتا آهن، جن مٿان فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ايم نائن موٽر وي تي ٽول پلازه وٽ  رينجرز  طرفان مسافر ڪوچن جي چيڪنگ دوران افغاني هجڻ جي شڪ ۾ 113 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڄامشورو پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جن جي نادرا کان ويريفڪيشن ڪرائي وئي، نادرا ويريفڪيشن دوران هاشم خان، شاهه خان، بلاول، ذاڪرالله، محمد زادا، ولي محمد ۽ جمع گل سميت 35 ڄڻا افغاني نڪتا، جن مٿان ڄامشوري ٿاڻي تي فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو