205

”پاڪستان جو اڀرندڙ سج“ ترڪ ليکڪ وزيراعظم عمران خان تي ڪتاب لکي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي هڪ ليکڪ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي ”پاڪستان جو اڀرندڙ سج“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي ڪتاب ورلڊ ٽوئرزام فورم انسٽيٽيوٽ جي صدر ۽ ترڪ ليکڪ بولود باغجي لکيو آهي. ڪتاب ترڪي زبان ۾ آهي،  ليکڪ باغجي جو چوڻ هو هو هميشه عمران خان جو ساٿ ڏيڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿو، هن چيو ته عمران خان دل جو اڇو اجرو آهي هو پنهنجي قوم جي لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، ليکڪ جو چوڻ هو ته ڪتاب ترڪي زبان ۾ آهي جنهن کي تمام جلد انگريزي زبان ۾ به شايع ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو