279

بزرگ سياستدان مير ظفر الله خان جمالي جو وڇوڙو…….!!!

ليکڪ: زبير احمد ٻوهيو

بلوچستان جي ڌرتي تي ڪيترن ئي املھه انسانن جو جنم ٿيو آھي، جن پنھنجي ، سچائي، عوامي محبت ۽ خوداراديت جي ڪري پاڻ ملھايو آھي، انھن ئي شخصيتن مان مير ظفرالله خان جمالي پڻ ھڪ ھو، جنھن جي اوچتي وڇوڙي بلوچستان سميت پوري پاڪستان جي عوام جو جيءُ جھوري وڌو آھي، مير ظفرالله خان جمالي بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد لڳ ڳوٺ روجھاڻ جمالي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان ئي پرائي ان کان پوءِ سينٽ لانس ڪاليج مري، ايچيسن ڪاليج لاھور ۽ 1965 ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان تاريخ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، جمالي خاندان پاڪستان جي قيام کان وٺي ئي ملڪي سياست ۾ سرگرم رھيو آھي، سندن ئي خاندان مان جعفر خان جمالي قائداعظم جو ويجھو ساٿي پڻ رھي چڪو آھي، جڏھن فاطمه جناح جي اليڪشن مھم دوران به ظفر الله خان ان جو محافظ بڻيو ھو، جمالي خاندان ھر دور حڪومت ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۾ رھيو آھي مير تاج محمد جمالي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ وفاقي وزير رھي چڪو آھي، مير عبدالرحمان جمالي ۽ مير فائق جمالي صوبائي ڪابينا ۾ رھي چڪا آھن، ان کان سواءِ روجھاڻ جمالي مان ٽي وزيراعلي بلوچستان پڻ رھي چڪا آھن جن مان تاج محمد کانسواءِ مير ظفرالله جو ڀائيٽو جان جمالي به شامل آھي، مير ظفرالله جو والد مير شاھنواز جمالي پراڻي مسلم ليگي اڳواڻ مير جعفر خان جمالي جو ڀاءُ ھو جنھن تحريڪ پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو ھو، ظفرالله خان جي سندس ئي خاندان مان شادي ٿي جنھن مان چار پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد آھي، سندس ٻه پٽ شاھنواز ۽ جاويد پاڪ فوج ۾ آفيسر آھن، جڏھن ته ٽئين پٽ فريدالله پاڪ فوج مان رٽائرمينٽ کان پوءِ پنھنجي پيءُ وانگر سياست ۾ پير رکيو ۽ 97 ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، سڀ کان ننڍي پٽ عمر خان ان جي سياست جي وراثت سنڀالي ۽ 2018 ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ذوالفقار ڀٽي جا مير جعفر خان سان ويجها سياسي لاڳاپا ھئا، 17اپريل 1967ع ۾ جعفر خان جي وفات وقت ڀٽي صاحب روجھاڻ جمالي وڃي ظفرالله خان جي والد شاھنواز خان کي چيو ته ھن گھراڻي مان مون کي سياست ۾ ھڪ فرد گھرجي جنھن تي شاهنواز خان ڀُٽي صاحب کي مير ظفرالله خان جو ھٿ ڏنو ۽ پاڻ اتان کان عملي سياست طرف وڌيا 1970ع ۾ صوبائي سيٽ تي بيٺا پر ڪامياب نه ٿي سگھيا 1977ع  ۾ بنا مقابلي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ صوبائي وزير و خوراڪ ۽ اطلاعات مقرر ٿيو، 1982ع ۾ مملڪتي وزير زراعت مقرر ٿيو 1985ع جي چونڊن ۾ نصيرآباد مان بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، 1986 ع ۾ محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ۾ پاڻي ۽ بجلي جو وزير مقرر ٿيو 29 مئي 1988 ع ۾ جڏھن جنرل ضياءُ الحق محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته مير صاحب ريلوي جو وزير مقرر ٿيو 1988ع ۾ بلوچستان جي نگران وزيراعلي طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آھي 1997ع ۾ سينيٽ جو ميمبر به مقرر ٿيو، آڪٽوبر 2002ع جي چونڊ نتيجن بعد 21 نومبر 2002ع ۾ وزيراعظم چونڊيو ويو، جيڪو ڪيترين ئي سياسي جماعتن جو گڏيل فيصلو ھئو،  اڳتي ھلي پيپلز پارٽي ٻن الڳ ڌڙن ۾ ورھائجي وئي، جمالي دور حڪومت ۾ مشرف جي حمايت ۽ مخالفت وڌندي پئي وئي ھڪ سال کان پوءِ سترھين ترميم جي منظوري ختم ٿي، سترھين ترميم ۾ اھو چيو ويو ته 31  ڊسمبر 2004 ع تي مشرف پنھنجي عھدي تان رٽائرڊ ٿيندو پر مشرف اھو واعدو وفا نه ڪيو، وزيراعظم هجڻ جي حيثيت ۾ مير ظفرالله جمالي ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن سان تمام سٺا لاڳاپا رکيا، انھن ۾ آمريڪا سرفھرست اچي ٿو، مير صاحب ڊاڪٽر قدير خان جي  آمريڪا منتقلي تي انڪار ڪيو، سياستدان ھجڻ کان سواءِ جمالي صاحب ھڪ بھترين  اسپورٽس مين پڻ ھو، ان سنڌ ۾ ڪيترا ئي والي بال ميچ ڪرايا جيڪي تمام گھڻا مقبول پڻ ويا، هلندڙ سال مئي مهيني ۾ کيس ڪورونا جو ڌڪ لڳو هو، جنهن مان هُو بچي نڪتو هو ۽ اُن کانپوءِ گڙدن ۽ دل جي تڪليف ۾ مُبتلا رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هُن راولپنڊي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو، مير ظفرالله خان جمالي جون ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتون ياد رکيون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو