ليکڪ: محبوب سنڌي
علمي توڙي ادبي ننگري ۾ پنهنجي قلندر واري سڃاڻپ پيدا ڪندڙ سيد قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت شاھ لطيف ڀٽائي جي بيتن جيان پاڪيزه رهي، هن پنهنجي ڪردار کي سماج لاءِ مثالي ۽ ممتاز بڻائي رکيو، سندس حياتي گذارڻ جو مقصد، تعليم جي ميدان ۾ علم جو خزانو طالبن ۾ ورهائڻ ۽ سنڌي ادب ۾ جديد تجربا ڪري ان کي نواڻ بخشڻ هو، اهڙي شاهدي سيد قلندر شاھ لڪياري جا لکيل تحقيقي مضمومن ۽ مقالا ڏين ٿا، جيڪي اخبارن جي پيٽ لاءِ ته هڪ ڏينهن جو کاڄ بڻجي تاريخ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، پر ڪتابي شڪل ۾ اچي نه سگهيا آهن.نه ئي علامه اقبال جي ٻن فارسي ڪتابن جو ڪيل ترجمو ڇپجي سگهيو آهي، قلندر شاھ لڪياري جي مختلف ٻولين ۾ ڪيل شاعري ۽ ذاتي زندگي بابت سهيڙيل آتم ڪٿا به ورقن ۾ ئي سمايل رهي، ڪنهن به سرڪاري، ادبي اداري يا ثقافت کاتي سندس زندگي ۾ ڪتابن جي ڇپائڻ جي حامي نه ڀري.جيڪا پڻ قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت سان هڪ وڏي ويساھ گهاتي هئي. پر پاڻ به ڪنهن جي در جا داسي نه رهيا ۽ مواد ڇپجي نه سگهيو ته خير آهي، باقي پاڻ ڪنهن کي منت سماجت نه ڪئي.جئين علم جي ميدان ۾ هڪ ماهر تعليم دان جي ۡحيثيت سان پروفيسر قلندر شاھ لڪياري جون خدمتون اڀريل سج جيان روشن رهيون تيئن ئي ادبي دنيا ۾ هن جو نالو سنڌ جي سڃاڻپ بڻيو، ۽ علمي توڙي ادبي شعور رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قلندر شاھ لڪياري! جو مقام وڏي مان ۽ مرتبي وارو رهيو.
هن جي شفيقاڻي لهجي، محبوب طبيعت ۽ وسيع ڄاڻ مان فائدو وٺندڙن جو انگ گهڻو آهي، جيڪي هن قلندر جي صحبت پسي لاڀائتا ٿي ڪنهن ماڳ وڃي رسيا. قلندر شاھ لڪياري! سنڌ يونيورسٽي ۾ انگزيري جي شعبي سان 1970ع کان لاڳاپيل رهيو ۽ رٽائيرمنٽ کان پوءِ وزٽنگ پروفيسر ۽ هڪ محقق جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪارائيتون خدمتون بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سرانجام ڏيندو رهيو، اهڙي فراخدلي ۽ علم سان چاھه عيوض سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران قلندر شاھ لڪياري! کي وائيس چانسلر ايوارڊ سان به نوازيو ويو، قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت مان شاگرد وڌيڪ متاثر هئا، اهو ئي سبب هو جو هن علمي قلندر چاليهھ کان وڌيڪ شاگردن جو ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي امتحانن ۾ محقق ۽ رهبر بڻجي کين علم جو ڊاڪٽر بڻايو، قلندر شاھ لڪياري لطيف جو به پارکو هو، لطيف جا بيت سندس سيني منجهھ سمايل هئا، جن جي معنا خيز فڪر کان به پاڻ چڱي ريت واقف هو، جيتري قدر ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو تعلق آهي ته قلندر شاھ لڪياري پي ٽي وي کان ويندي ريڊيو پاڪستان سميت سرڪاري ادبي ادارن يا ٻين ادبي تنظيمن جي پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجي وڏ ماڻهپي جو احساس ڏياريندو هو، عمر جي آخري مرحلي ۾ مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ سندس شرڪت ثابت ٿي ڪري ته ادبي چاھه هن جي وجود ۾ ساھه جيان ڊوڙي رهيو هو، زندگي جي آخري سالن ۾ قلندر شاھ لڪياري جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي سان جڙيل رشتو به مثالي هو، سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي هر پروگرام ۾ شريڪ ٿي سنگت جي ساٿين ۾ نئون اتساھ پيدا ڪندو رهيو ۽ نون لکندڙ کي همٿائيندو رهيو، گهڻي ويجهڙائپ هئڻ ڪري ڪافي سال قلندر شاھ لڪياري جي سالگرھ جو ڪيڪ به سنگت ڪوٽڙي جي سٿ طرفان ڪٽجندو رهيو، جيڪو پڻ ڪوٽڙي جي اديبن لاءِ وڏو اعزاز هو. پهرين مئي 1940ع ۾ سيد الهڏنو شاھ جي گهر ڳوٺ احمد کوکر لڳ حيدرآباد ۾ اک کوليندڙ هي علمي ۽ ادبي شخصيت قلندر شاھ لڪياري ڪجهھ وقت عالمي وبا ڪورونا سان جهيڙيندي ڪالهھ 4 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ سنڌ کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.