ليکڪ: گلاب خان بهڻ
ترقي يافتا قومن جي اُسرڻ جو سبب معجزاتي نه پر انھن قومن جي تاريخ اندر عملي، فڪري ۽ شعوري جستجو آھي جنھن ڪري اھي قومون ڌرتي جي گولي تي ھڪ ڪامياب قومون بڻجي پنھنجي وجود کي قائم رکيو ويٺيون آھن، انھن جي ڪاميابي پويان بھترين رٿا بندي جا محرڪ شامل آھن.ترقي يافتا ملڪن جنھن شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو آھي، اھوسندن تعليم جو شعبو آھي، بدقسمتي سان اسان جو ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبو تعليم جھڙي شعبي ۾ رڪارڊ حد تائين پوئتي پيل آھي.غير معياري پڙھائي.استادن جي کوٽ،سھولتن جي اڻھوند،حڪومتي بي ڌياني،عوامي شعور جو نھ ھجڻ مکيه سبب رھيا آھن.اهڙي صورتحال هجڻ باوجود به اسان جي صوبي سنڌ ۾ نوجوان ڪٿي نه ڪٿي تعليم جي معيار کي دنيا جي ٻين ترقي يافتا ملڪن جي ڀيٽ ۾ آڻڻ لاءَ پنهنجي جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهڙي ئي هڪ ڪوشش ننڍڙي شهر مورو ۾ هڪ نجي اداري پاران ڪيل سيڪنڊ سٽينڊرڊ پروفيشنل سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ 2020ع ڪرائڻ آهي. مورو شهر جي بينظير پارڪ ۾ ٿري ڊي اسٽار جي چيف ايگزيڪيوٽو جاويد ملاح جي ٽيم چيف آرگنائيزر مخدوم اظھار، غلام مرتضيٰ ڀان، اسد عباس ملاح، وسيم لغاري، شيراز علي ڀٽي، مقبول سولنگي جي زير نگراني هيٺ سنڌ ۾ هلندڙ ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تعليمي ذھني صلاحيتون وڌائڻ لاءِ سرڪاري توڙي مختلف پرائيويٽ اسڪولن جي 300 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان اسسمينٽ ٽيسٽ ورتي وئي. ننڍڙي پروگرام ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد سليمان سيال، پروفيسر محمد خان ڏاھري، محمد اسلم عباسي، اظفر سعيد ميمڻ، سيد محسن علي شاھ، امان قاضي، بشير احمد ڀٽي، محمد سليمان چوھاڻ، جاويد سيال، الھه بخش خان ڪلھوڙو، سيد مختيار علي شاھ، حاڪم علي جسڪاڻي سميت ٻين تعليمي ماهرن ،ليڪچرارن،استادن.سول سوسائٽي ۽ صحافين شرڪت ڪئي. جتي هنن پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سموري دنيا ۾ تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي جديد طريقا ۽ سولو سليبس آندو پيو وڃي ته جيئن ٻار تعليم پرائڻ دوران آساني سان پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگھي.پر هتي اسان وٽ تعليم جي شعبي کي تمام پُٺ تي رکيو ويو آهي.اسان جي ملڪ جو اسڪول سسٽم ايترو ته ڪمزور ڪيو ويو آهي جو سرڪاري اسڪولن ۾ ماڻهون پنهنجا ٻار تعليم جي لاءِ موڪلڻ جي لاءِ تيار ئي ناهن.مقررين وڌيڪ چيو ته اسان جي صوبي سنڌ ۾ شاگردن ۾ ٽيلنٽ ته آهي پر انهن کي وسيلا نٿا ملن، جنهن سبب اسان جا نوجوان اڄ به تعليم کان پري آهن پر اسان ايسيتائين همت نه هارينداسين جيستائين اسان وٽ جاويد ملاح جهڙا نوجوان آهن.جنهن پنهنجي ذاتي ڪوشش سان نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ سيلف اسيسمينٽ جون مرحليوار ٽيسٽون رکي نوجوانن کي جاب مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي.هن قسم جي ٽيسٽن مان انهن نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ آساني ٿيندي ته هو ڪٿي به ڪنهن به نوڪري لاءِ ٽيسٽ ڏئي سگهندا. وڏيرن جي بنگلن تي وڃڻ بدران اوهان اسڪولن ڏانهن وڃو ڇو ته توهان کي روزگار هاڻ سفارش تي نه ملندو پر روزگار اوهان کي پنهنجي محنت تي ملندو.شاگردن چيو ته تعليم هر ٻار جو حق آهي، سرڪار جو فرض آهي ته اها هر ٻار کي اهو حق پهچائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري، آئين مطابق بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق جي هر ٻار کي تعليم ڏني وڃي ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم عام ڪئي وڃي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سرڪار جي ناقص پاليسن جو انتظار ڪرڻ بدران هن قسم جي محنت سان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون ۽ پنهنجن نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ کين برابر موقعا ڏيون جيئن اهي تعليم جي بنيادي مقصد ۽ جاب مارڪيٽ جي موجود لاڙن کي سمجهي نه صرف پنهنجو پر پنهنجي سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهن، اهڙا پروگرام سنڌ جي هر شهر ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ان ۾ وڌ کان وڌ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سکيا ڏني وڃي.
يرڪونيڪرپليھ
marmham