ايڊيٽوريل
وزيراعظم عمران خان نيٺ ٻيٽن کي سنڌ جي ملڪيت تسليم ڪندي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري وفاقي منصوبي بابت سنڌ حڪومت سان باضابطا ڳالهين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان ڳالهين جو ٽاسڪ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل حوالي ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ ٻيا عملدار پهتا، جن وزيراعظم کي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، جنهن دوران وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي ٻيٽن سان لاڳاپيل سمورا مسئلا سنڌ حڪومت سان ڳالهين جي ذريعي نبيرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهو پهريون ڀيرو آهي ته وزيراعظم عمران خان پڻ ٻيٽن کي سنڌ جي ملڪيت تسليم ڪندي اهڙيون هدايتون ڏنيون آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهو هڪ بهتر قدم آهي، ڇو ته ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سخت بيچيني، ڏک ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت برقرار آهي ۽ وفاق پاران لکين سنڌي ماڻهن جي احتجاج کي نظرانداز ڪرڻ واري روش تي جتي ڪاوڙ وڌي رهي هئي اتي احساس محرومي پڻ جنم وٺي رهي هئي، هاڻ وزيراعظم جڏهن معاملي تي سنڌ حڪومت سان ڳالهين جي هدايت ڪئي آهي ته ان سان هڪ سٺو ماحول جڙڻ جي اميد پيدا ٿي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي به باضابطا ڳالهين لاءِ پنهنجي تياري مڪمل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيٽن جي حفاظت، بچاءَ، اتي ٿيندڙ ماحولياتي نقصان، ملاحن جي بحالي سميت هڪ مضبوط ۽ دليلن سان ٻڌل ڪيس پيش ڪيو وڃي، اهڙو ڪيس جنهن سان سنڌ ۾ موجود سڀني ڌرين جو موقف هجي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي نه صرف سرڪاري پر ملاحن جي وفدن سميت ٻين ماحولياتي ماهرن سان پڻ مشورو ڪرڻ گهرجي، اسان جو بار بار موقف اهو رهيو آهي ته سنڌي بحيثيت قوم ترقي جا مخالف نه آهن، ڇو ته جنهن قوم اڄ کان ساڍا 7، 8 هزار سال اڳ ترقي جي منزلن جي مٿانهين مقام ڇُهي دنيا جي ترقي جي ميدان ۾ مهنداري ڪئي هجي، جنهن قوم دنيا جي سمورين سڌريل قومن کي گهر اڏڻ سيکاريا هجن، شهر ٻڌڻ سيکاريا هجن، جنهن قوم دنيا کي ڪپڙو ٺاهڻ سيکاريو هجي، طب سيکاري هجي، جنهن قوم دنيا کي ڦيٿو ٺاهڻ سيکاريو هجي، جنهن قوم دنيا کي ڪارخانا ٺاهڻ سيکاريا هجن، اها قوم ڀلا ترقي جي دشمن ڪيئن ٿي ٿي سگهي، سوال ترقي جو نه آهي پر وسيلن جي مالڪي جو آهي، اسان سمجهون ٿا ته ٻيٽن تي جيڪڏهن ڪا ماحول دوست اڏاوت ٿي سگهي ۽ ان تي ماهيگيرن سميت سڀ ڌريون متفق ٿين ٿيون ته پوءِ ان قسم جا سمورا معاهدا سڌي ريت سنڌ ۽ سنڌ حڪومت سان ٿيڻ گهرجن. ان ۾ وفاق سميت ٻي ڪنهن به ڌر جي مداخلت نه هجي، ڇو ته سنڌ جن ماضي جي تجربن مان گذري آهي ۽ هن قوم سان جيڪي مسلسل ويساهه گهاتيون ٿينديون آيون آهن، انهن کي ڏسي سنڌ جي ماڻهن وٽ اهو خوف يقين ۾ بدلجي ويو آهي ته ٻيٽن شهر اڏڻ ۽ ترقي جي ڏٽي ۾ سندن ملڪيتون، زمينون ۽ وسيلا گروي ڪري انهن تي قابض ڪي ٻيا ماڻهو ٿي ويندا، ان ڪري سڀني ڌرين جي اتفاق راءِ سان جيڪڏهن منصوبن تي ڪا به اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اها سڌي سنئين سنڌ حڪومت معرفت ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌي ماڻهن جا خدشا ختم نه ٿي سگهندا، اسان سنڌ حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ڪنداسين ته سڄي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ڳالهين واري مرحلي ۾ مڪمل تياري ضروري آهي، ڇو ته سنڌ جي جياپي جو ڪيس آهي.