255

ثقافتي ميڙاڪن کي سماجي رخ ڏانهن موڙڻ جي ضرورت….

ليکڪ: سڪندر بوزدار

ان ۾ ڪو به واڌاءُ ناهي ته اسان جي سنڌي ثقافت دنيا جي عظيم ۽ شاندار ثقافت آهي ۽ جڏهن کان ثقافتي ڏهاڙا ملهائجڻ شروع ٿيا آهن، اهي سنڌي قوم لاءِ ڪنهن ڪاڄ کان گهٽ ناهن ۽ تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته سنڌي قوم جنهن مسلسل ۽ ڊگهي غلامي ڏٺي آهي، ان مذهبي عيدن کانپوءِ پنهنجي قومي عيد به ڳولي لڌي آهي، وڏڙن کان ٻڌو آهي ته ماضي ۾ سنڌ ۾ آرائين جو ڏڻ ملهايو ويندو هو، بهار جي موسم شروع ٿيندي ئي مڱڻهار گلن جا جهول ڀري دهل وڄائي هر در تي وڃي ماڻهن کي گل ڏئي لاڳ وٺندو هو، جنهن کي آرائين ڪوٺيو ويندو هو ۽ اها رسم يا ڏهاڙو بهار جي موسم شروع ٿيڻ  شرط ملهايو ويندو هو ۽ هاڻ وري سنڌي ميڊيا سنڌي قوم کي ثقافتي ڏهاڙو ڏيئي هڪ تسبيح جي داڻن جيان گڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اها ڳالهه چٽي ۽ پڌري پٽ پئي آهي ته اڄ به اسان ڇڙ وڇڙ ۽ زوال ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون، ماضي ۾ سنڌي قوم هنر، فن، دليري ۽ امن جو لازوال نمونو رهي آهي، سنڌي قوم پهنجي وطن جي حفاظت لاءِ هر وقت ٿيندڙ حملي آورن سان ويڙهه ڪري پاڻ بچايو ۽ مڃايو آهي، موهن جو دڙو، اروڙ ۽ آمريءَ جا اهڃاڻ سنڌي قوم جي ثابت قدمي جو چٽو ثبوت آهن، موهن جي دڙي کان وٺي سنڌي قوم هڪ مهذب ۽ سڌريل قوم رهي آهي، دڙي جي کوٽائي مان مليل زيورن، مٽي جي ٿانون، اجرڪ، گج، ٻانڌاڻي ۽ ٻين ثقافتي شين مان سنڌي قوم جي فن واري مزاج جي خبر پوي ٿي ڪوبه زنده دل ماڻهون اجرڪ جي رنگ ۽ ٽوپي جي سونهن ۽ ڊزائن کي ڏسي اسان جي اندر ۾ اٿاهه سونهن کي جاچي سگهي ٿو پر هن دور ۾ عظيم ڌرتي جا مالڪ ڏکي وقت کي منهن ڏيئي رهيا آهن جتي سنڌي قوم پهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هر گهڙي سراپا احتجاج آهي اتي ئي بک ۽ بيروزگاري به برداشت ڪري پئي، بحيثيت قوم اسان کي ڪيترائي چئلينج سامهون آهن، تعليم تباهه آهي، وسيلن جي ڦرلٽ جاري آهي، انهن تي ڌارين جو قبضو آهي، اسان جو وڏيرو، ڀوتار، سردار، مير ۽ پير انهن ڌارين جو غلام بڻجي کين پنهنجو آقا مڃي پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ سڀ ڪجهه سندن حوالي ڪري ويٺل آهي ۽ هر ڌاڙي ۾ ڌارين سان گڏ بيٺل آهي، ۽ بدلي ۾ ڌارين هر ڳلي، ڳوٺ ۽ شهر کي هڪ الڳ اسٽيٽ بڻائي انهن وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن وري سنڌي قوم جي ٻڌي تي وار ڪري طاقت ورهائي ڇڏي آهي، جهڙي طرح بنيادي تعليم کي غير فعال ڪري تباهه ڪيو ويو، اهڙي طرح ٿاڻا به اوطاقون بڻائي سردارن حوالي ڪيا ويا ۽ اتي جي صوبيدارن جو ڪردار ڪمدار وارو بڻجي ويو آهي، هڪ عظيم قوم کي ذات ۽ برادرين ۾ ورهائي تباهه ڪيو ويو،  سنڌي قوم تاريخ جي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، اسان وٽ بک، بيروزگاري، ڌاريا ۽ سردار گڏيل گهاڻو بڻجي هر فرد کي پيڙي رهيا آهن، ايترن سارن مسئلن جي هوندي هڪ قوم جيڪڏهن اجتماعي نه ته انفرادي طور تي به ترقي طرف وک وڌائي ٿي ته ان جا قدم روڪيا وڃن ٿا، ميرٽ جي لتاڙ ڪري نوڪريون من پسندن حوالي ڪيون ويون آهن،هن وقت به سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي حملا جاري آهن، وفاق سنڌ جي ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ ته ٻيٽن بابت ڪنهن به حڪمت عملي ۾ صوبي جي راءِ وٺڻ به مناسب نٿو سمجهي، پر افسوس ته سنڌ سرڪار شروعاتي جذباتي بيانن کانپوءِ پنهنجي ڌرتي ۽ دنگ جي حفاظت ڪرڻ بدران خاموش ٿي ويهي رهي آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته شروعاتي بيان به عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏنا ويا ۽ پوءِ اندروني طور تي وفاق سان ٻٽ بڻجي ٻيٽ سندن حوالي ڪيا ويا آهن.سنڌ جڏهن به ڪو آواز اٿاري ٿي ته ان آواز کي ترقي جو دشمن ۽ اڻپڙهيلن جو آواز ڪوٺي ان کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ قوم جي احتجاج کي ليکي ۾ ئي نٿو آندو وڃي، اهڙي دور ۾ هن ثقافتي ڏهاڙي تي اهو ئي پيغام عام ڪرڻ گهرجي ته اچو ته قوم کي ورهائڻ لاءِ جيڪي ديوارون اڏيون ويون آهن، انهن کي ڊاهي پٽ ڪريون، اچو ته هاڻ هڪ قوم جي حيثيت ۾ گڏ ٿي پنهنجي دنگن ۽ حقن جي حفاظت ڪريون، ڇو ته سنڌ جي بقاءَ متحد ٿيڻ ۾ ئي آهي، اسان کي هاڻ ذاتين، قبيلن ۽ فرقن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي جدوجهد جي سمت يا رخ ٺيڪ ڪرڻو پوندو، اچو ته اهو وچن ڪريون ته هن ثقافتي ڏهاڙي تي اسان سڀ گڏجي اهو طئه ڪنداسين ته اسان کي جدوجهد جو ڪهڙو رخ وٺڻو آهي ۽ اهو سفر پرامن طريقي ۽ آئيني ۽ جمهوري انداز سان ڪهڙي ريت حل ڪرڻو آهي،  اسان کي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته سنڌي هڪ قوم آهي،اسان جي ذات ۽ مذهب ڪهڙو به هجي پر پنهنجي وطن سان محبت اسان جي ايمان جو جز آهي، جيڪڏهن لطيف جي سورمي ماروي پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن سان وفا ۽ محبت جي جذبي ۾ هڪ بادشاهه جي ڪوٽ ۽ قيد کي شڪست ڏئي سگهي ٿي ته پوءِ اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ هي والار، مارو ماري، حق غصب ڪرڻ، وسيلن تي قبضن ۽ ٻين قيدن کي شڪست ڇو نٿا ڏئي سگهون، جيڪڏهن ماروي ڪٿي به ڪا ڪمزوري ڏيکاري ها يا مفاهمتي موڊ ۾ عمر جي ڪا آڇ قبول ڪري وٺي ها ته اڄ ٿي سگهي ٿو، انهيءَ جي نالي تي محل ۽ ماڙيون هجن ها پر اها ماروي نه هجي ها. اها سورمي به نه هجي، اها وفا، محبت، اڏولتا ۽ جدوجهد جو سمبل به نه هجي ها، بنيادي طور تي ماروي هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو سمبل آهي سچائي جو، وفا جو، اچو ته هن ثقافتي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪريون ته هن ديس جو هر ماڻهو ماروي جو سمبل بڻجي جدوجهد وسيلي پنهنجا سمورا حق وٺڻ لاءِ ائين هڪ قوم ٿي بيهندو جيئن ڪڙي ڪڙي ملي زنجير ٿيندي آهي. لطيف سائين به اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته:

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو

منهنجو جيءُ جڙي، سپيرين سوگهو ڪيو

لطيف سائين جو اهو سپرين دراصل اسان جو هي سنڌ صوبو آهي، علامتي انداز ۾ شاهه سائين پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن کي جيئن ڳايو آهي ۽ جيئن انهن کي گڏ ٿيڻ لاءِ همٿايو آهي، تاريخ ۾ شايد ئي ڪو ٻيو اهڙو شاعر هجي، جنهن ايئن پنهنجي ماڻهن کي همٿايو هجي، لطيف سائين جي سٽ سٽ ۾ ڌرتي سان محبت جو اٿاهه درياهه وهي ٿو، جيڪو ڪڏهن به سڪڻو نه آهي، دنيا ان درياهه تي ڪو به بند نٿي ٻڌي سگهي، ڳالهه صرف اسان جي سجاڳي جي آهي، هڪ منگول چوڻي آهي ته ”پاڻي سمهي رهي ٿو، پر دشمن ڪڏهن به نٿو سمهي“ اسان کي ان چوڻي مان سبق وٺڻو پوندو ۽ غفلت جي ننڊ ڇڏڻي پوندي، هي ثقافتي ڏهاڙا هر سال اچن ٿا ۽ اسان انهن کي ڀرپور نموني ملهايون به ٿا، پر هاڻ انهن کي سماجي ڪارج ۽ سياسي رخ ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، سنڌي قوم کي تاريخ جيڪو سونهري موقعو ڏنو آهي، ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ائين نه ٿئي ته اسان جي اها سڄي محنت به رائگان وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو