264

لاڙڪاڻي مان هيروئني جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ايڌي رضاڪارن حوالي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ڦل روڊ تي اڻڄاتل هيروئني جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، اهڙي اطلاع باوجود ڪيترائي ڪلاڪ پوليس نه پهچڻ تي شهرين جو ٻيهر رابطو ڪرڻ تي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس لاش اهو چئي کڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اها حد دڙي ٿاڻي جي آهي اسان جي حد ان کان ٿورو اڳتي آهي، پوليس جي اهڙي عمل خلاف شهر جي سڄاڻ ڌرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان وٽ انسانيت اڃا به زنده آهي پر پوليس جي حد بندي واري تڪرار سبب ٿڌ ۾ فوت ٿي ويل هيروئني جو لاش اطلاع باوجود ڪيترائي ڪلاڪ نه پوليس پهتي نه ئي ايڌي رضاڪار پهتا آهن جيڪا سراسر زيادتي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کان پڇاڻو ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن شهرين جي اهڙي گڏجي احتجاج ڪرڻ تي ون فائي مددگار بيس تي اطلاع کان پوءِ لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش کي غسل ڪفن ڏئي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو