238

پيءَ پنهنجي پٽ جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرائي ڇڏيو، پٽ پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوجوان پنهنجي پيءُ ۽ نادرا چيئرمين خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. حسن طارق بٽ نالي شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاق، پنجاب جي گهرو سيڪريٽري ۽ نادرا چيئرمين کي ڌر بڻايو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي چيف پروٽوڪول ريجنل هيڊڪوارٽر طارق سعيد جو حقيقي پٽ آهي، طارق سعيد بٽ کيس پٽ مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجي پيءُ طارق سعيد منهنجي ماٽيلي ماءُ جي دٻاءُ تي منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نادرا کي سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، بنا سبب ٻڌائڻ جي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ تي نادرا جي لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو