اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ميجر محمد اڪرم شهيد جو 49 هون يوم شهادت ڇنڇر ڏينهن ملهايو ويو، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا طرفان شهيد جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. آئي ايس پي آر مطابق ميجر محمد اڪرم شهيد جي جهلم ۾ يادگار تي خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وطن جي بهادر سپوت کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
