312

راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) منشيات جي روڪٿام جي خاص عدالت راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪندي نيب پراسيڪيوٽر کي راڻا ثناءُ الله جي وڪيلن کي گواهن جي لسٽ ۽ بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جج شاڪر حسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي تي راڻا ثناءُ الله پنهنجي وڪيل اعظم نظير سان گڏ پيش ٿيو ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي. وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته گواهن جي بيانن جون ڪاپي فراهم ڪئي وڃي. وڪيل چيو ته اي اين ايف 8 کان 10 گواهن کي بيانن لاءِ پيش ڪيو، اي اين ايف زبردستي گواهن کي بيان ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي، راڻا ثناءُ الله عدالت کي ٻڌايو ته اي اين ايف سندس گاڏي مان پرسنل بيگ ڪڍيو جنهن ۾ رڳو ڪپڙا هئا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين جي وڪلين کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو